ٽرين حادثي جي متاثرن لاءِ معاوضي جو اعلان، مراد علي شاهه جو وري نئون واعدو

0
272

ٺٽو(رپورٽ: محبوب بروهي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ سرهاڙي لڳ ٽرين حادثي ۾ فوت ٿيل مسافرن لاءِ 10-10 لک روپيه امداد ڏيڻ ۽ زخمين لاءِ 2 کان 5 لک روپيه ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

مڪلي تي لمس انٽرنيشنل ڪئمپس جي افتتاحي تقريب ۾ خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته  پهرين ترجيح ٽرين حادثي جي فوتي ۽ زخمي مسافرن جي ريسڪيو ڪرڻ هئي جنهن ۾ ڪالھه شام تائين سنڌ حڪومت مختلف ادارن سان گڏجي ريسڪيو جو عمل مڪمل ڪري ورتو

سندس چوڻ هو ته انتهائي افسوسناڪ سانحو پيش آيو حادثي يا تخريبڪاري جي حوالي سان ڪجھه به نٿو چئي سگهجي ان لاءِ ريلوي اختياريون جاچ ڪري رهيون آھن

وڏي وزير چيو ته افسوسناڪ ٽرين حادثي تي ڏاڍو ڏک ٿيو، متاثر خاندانن سان سنڌ حڪومت ۽ پيپلزپارٽي برابر جو شريڪ آھي

 مراد علي شاھه چيو ته افسوسناڪ ٽرين حادثي ۾ فوت ٿيل هر مسافر لاءِ سنڌ حڪومت پاران 10 لک روپيه امدادي مدد ۽ اسپتالن ۾ داخل زخمين جي علاج لاءِ 2 کان 5 لک روپيه زخمين جي ڪيٽيگري جي حساب سان سنڌ حڪومت ڏيندي

هي به پڙهندا

سرهاڙي ريل سانحي جي جاچ شروع، لائين ۾ ڪاٺ جي استعمال جو انڪشاف