ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ امن خواب بڻجي ويو، مغوي ٻارڙا بازياب نه ٿيا، ريلي ۽ ڌرڻو

0
238
ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ امن خواب بڻجي ويو، مغوي ٻارڙا بازياب نه ٿيا، ريلي ۽ ڌرڻو
ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ امن خواب بڻجي ويو، مغوي ٻارڙا بازياب نه ٿيا، ريلي ۽ ڌرڻو

ڪنڌڪوٽ(رپورٽ: لياقت کوسو) ڪنڌڪوٽ ضلعو اغوا جي ڪاررواين جو ڪاروبار بڻجي ويو، پوليس تي ڌاڙيلن سان مليل هجڻ جو الزام، ٻارڙن سميت مغوين جي بازيابي عمل ۾ نه اچڻ ۽ اغوا وارداتن ۾ واڌ خلاف هندو برادري پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي

ضلعي جي مختلف علائقن مان اغوا ٿي ويل  30 کان وڌيڪ ماڻهو  ڌاڙيلن جي قيد ۾ آهن جن ۾ معصوم ٻارڙا جئديپ، آديش ڪمار ۽  فرحان سومرو به شامل آهن

ڌاڙيل اغوا جي وارداتن بعد وارثن کان ڪروڙين رپيا ڀنگ طلب ڪري ٿي جڏهن ته پوليس مغوين جي بازيابي لاءِ آپريشن جا ڪوڙا ڊراما رچائي ٽياڪڙي ڪري پيسن عيوض ماڻهن کي بازياب ڪرائڻ ۾ مصروف آهي

ضلعي ۾ اغوا جي وڌندڙ وارادتن ۽ مغوي بازياب نه ٿيڻ تي شهرين ۽  هندو برادري پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ بدامني خلاف شديد نعري بازي ڪندي مغوين جي بازيابي جو مطالبو ڪيو ويو

ريلي جي اڳواڻي ڪندڙ پرڪاش ڪمار.ڪئلاش ڪمار ۽ ٻين چيو ته هي ضلعو اغوا جي وارادتن جو ڪاروبار بڻجي ويو آهي پوليس هٿن سان مغوين کي اغوا ڪرائي ڀنگ طلب ڪري ٿي

سندن چوڻ هو ته هن وقت ضلعي مان 3 درجن کان وڌيڪ مغوي اغوا ٿيل آهن جن بازيابي لاءِ ڌاڙيلن مغوين جي وارثن کان ڪروڙين روپيا ڀنگ طلب ڪيو آهي

اڳواڻن چيو ته هن وقت ضلعي مان معصوم ٻار جئديپ.آديش ڪمار.فرحان سومرو ڌاڙيلن وٽ قيد آهن ۽ مکي جگديش لاء ڌاڙيلن 5 ڪروڙ ڀنگ طلب ڪيو آهي

هنن الزام هنيو ته پوليس خود ماڻهن کي اغوا ڪندي پڪڙجي چڪي آهي پر ان معاملي تي پوليس جا اعليٰ عملدار خاموش آهن، اڳواڻن مطالبو ڪيو ته سڀني مغوين کي آزاد ڪرائي بيچيني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي

هي به پڙهندا

بخشاپور جي ڪچي ۾ ٽيڪسي ڊرائيور جي اغوا جي ڪوشش ناڪام، اي ايس آءِ سوگهو