ورسيءَ جي مناسبت سان … بز۾ِ جيلاني جو روح روان، سنڌ پرست عالم ۽ مفڪر

0
43
ورسيءَ جي مناسبت سان ... بز۾ِ جيلاني جو روح روان، سنڌ پرست عالم ۽ مفڪر

 سنڌ جي لاڙ واري خطي ڪيترائي مذھبي روحاني اسڪالر عالم توڙي علم ادب جا پيامبر پيدا ڪيا آھن جن دين اسلام جي پيغام کي عام ڪرڻ سان گڏوگڏ درس و تدريس ذريعي پنهنجي ماڻھن ۽ ڌرتي جي خدمت ۽ مالڪي جو عملي ڪردار ادا ڪندا رهيا آھن، اهڙن املھ شخصيتن ۾ جماعت قادري جيلاني جو روحاني پيشوا ۽ بزم جيلاني جو سرپرست پير غلام جيلاني شاھ جيلاني جن آھن، جن جي هڪ طرف اها سياسي بصيرت هئي جو هن وڏي تعداد ۾ پنهنجي مريدن عقيدتمندن کي دين اسلام بابت مختلف مجلسن جلسن ذريعي آگاهي ڏيئي اسلام جي بنيادي پيغام کي عام ڪيو ته ٻئي طرف درس و تدريس ذريعي علم ادب جي تاريخي خدمت ڪري هڪ نئون مقام ٺاهيو. پير غلام شاھ جيلاني پنهنجي والد اڪرامي حضرت پير زين العابدين شاھ جيلاني جي خطبات شاعري کي جتي وڌيڪ اهميت ڏيئي انهن کي عام ڪري جمعي نماز جي خطبن ۾ شامل ڪرايو ۽ مذھب جي پرچار ايتري حد تائين ڪئي جو ديني عالم مفڪر به سندس عاشق بڻجي ويا. پير غلام جيلاني جماعت قادري جيلاني جو روحاني پيشوا هجڻ سان گڏوگڏ ملڪ جي نامور گادي نشينن کي مڪلي تي جيلاني هائوس تي سڏائي سندن اجلاس جي صدارت ڪري ملڪ گير جميعت مشائخ اهلسنت پاڪستان جو وجود عمل ۾ آڻي پاڻ ان جو سرپرست اعليٰ بڻيو ۽ پوري ملڪ سميت مختلف ملڪن جا دورا ڪري گادي نشينن عالمن ۽ خانقاهن جي اهميت کي اجاگر ڪيو، ساڳئي وقت تي پير غلام شاھ جيلاني جيڪو تاريخي ۽ بي مثال عملي ڪم ڪيو، اهو هرگز نه وسرندو ۽ سنڌ جو باشعور طبقو کيس اهڙي عملي خدمت ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪري ٿو.

پير غلام جيلاني بزم جيلاني جو سنڌ سطح تي بنياد وجهي ان جو نه صرف پاڻ سرپرست اعليٰ بڻيو پر هر سال ان جي تنظيم سازي ڪرڻ سان گڏوگڏ سنڌ سطح تي پهريون ڀيرو وڏا وڏا مشاعرا مڪلي تي جيلاني هائوس تي منعقد ڪرائي وڏن نامور شاعرن اديبن ۽ تاريخدانن کي شريڪ ڪرائيندو رهيو. پير غلام شاھ جيلاني بزم جيلاني جي پليٽ فارم تان ڪيترائي مشاعرا ڪيا ۽ خاص طور تي طرعي مشاعره سنڌ ۾ سندس پاران وڌل رواج جو بنياد آھي جو سندس طرحي توڙي غير طرحي سنڌ سطح جي مشاعرن ۾ جيلاني هائوس مڪلي تي سنڌ جي ناليوارن شاعرن اديبن وفا ناٿن شاهي، امداد حسيني، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، تاج جويو، نصير مرزا، گل ٽکڙائي، ڊاڪٽر محمد علي مانجهي ۽ ٻيا نامور شاعر شرڪت ڪندا رهيا.

پير غلام جيلاني روحاني ۽ مذھبي سطح تي جتي وڏي خدمت ڪئي ۽ جيلاني هائوس تي هميشه روحاني مجلسون منعقد ڪرائيندو رهيو، اتي هن سندس مشھور مدرسه دارالعلوم مجدديه قادريه جيلانيه مان سوين طالبن کي قرآن شريف جي حفظ ڪرائي عالم بڻايو، جيڪي هن وقت سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ دين اسلام جي تبليغ ۾ مصروف عمل آھن.

پير غلام جيلاني هڪ سنڌ پرست پير هو، جنهن جڏھن سنڌ خلاف سازشون ٿيون يا سنڌو درياءُ تي ڊيمن اڏڻ، خاص طور تي ڪالاباغ ڊيم جو اعلان ٿيو ته مڪلي جي ماڳ تي ويٺل هي پير خاموش نه رهيو پر “سنڌ جو غدار ڪير؟” جھڙو ڪتاب ترتيب ڏيئي ۽ پنهنجي سرپرستي ۾ سندس ادبي تنظيم بزم جيلاني پاران سنڌ دشمن رٿائن خلاف ڀرپور آواز اٿاريو. ايستائين جو گذريل آمر دوران ۾ سنڌو درياءُ جي پاڻي ۽ درياءُ تي ڊيمن جي نالي تي ڌاڙي خلاف آواز اٿاري درياءُ کي ڀيٽا ڏيارڻ لاءِ تحريڪ شروع ڪئي ته سندس ان وقت جي بزم جيلاني جي مرڪزي صدر ۽ سندس فرزند ۽ هن وقت جماعت قادري جيلاني جي روحاني پيشوا پير غلام رضواني جيلاني سميت ڪيترن ئي اديبن دانشورن ۽ شاعرن تي ڪيس پڻ درج ٿيا.

پير غلام جيلاني 20 کان مٿي مختلف ڪتابن جو پڻ مصنف آھي، جن مان سندس مشھور لکيل ڪتاب “اسانجي راز جون ڳالهيون” بياض جُلد پهريون ۽ ٻيو، “جيڪي ڏٺو اسان، سنڌ جو غدار ڪير؟، نعتون منهنجي نبيءَ جون، سوانح حيات حضرت زين العابدين شاھ جيلاني، ديوان پير جمال محمد، گنبذ خضره جي سامهون، شجره مبارڪ سلسله عاليه قادريه جيلانيه، ۽ سنڌ جون 2 هزار ذاتيون جھڙا انمول ڪتاب سندس پاران تحرير ڪيل آھن. جيتوڻيڪ جيلاني هائوس مڪلي تي هر سال سندس والد گرامي ۽ ناليواري شاعر پير زين العابدين جيلاني جي سالياني عرس جي موقعي تي تاريخي جلسو منعقد ڪرائي ملڪ جي عالمن سياسي شخصيتن کي سڏائيندو هو جيڪو سلسلو سندس وصال بعد سندس جماعت جاري رکندو پيو اچي.

پير غلام جيلاني وڏي درجي جو شاعر عالم ۽ مفڪر هو، جو هن چپ چپ سان نه ملي، بنا نقطي واري شاعري ۽ نعتن تي ڪمال جي شاعري ڪرائي هڪ تاريخ رقم ڪئي آھي، جنهن جو مثال نٿو ملي. پير غلام جيلاني 11 رمضان المبارڪ تي افطاري کان ڪجھ گهڙيون اڳ هن جهان کي ڇڏي مالڪ حقيقي سان وڃي مليو ۽ سندس جان نشيني جي منصب تي سندس عالم مفڪر پُٽ پير غلام رضواني جيلاني جماعت قادري جيلاني جو روحاني پيشوا آھي، جڏھن ته سندس فرزند پير غلام حقاني جيلاني سندس اصلي ڳوٺ ۽ خانقاه ۽ درگاھ پير زين العابدين شاھ جيلاني جي انتظامن کي سنڀالي رهيو آھي، جڏھن ته مذھبي ۽ علمي حوالن سان تعلق رکڻ سان گڏوگڏ سندس 2 پُٽ پير غلام رحماني جيلاني ۽ پير زين العابدين عرف بابا سائين جيلاني سياست جي ميدان تي سرگرم عمل آھن، جن مان پير غلام رحماني پيپلزپارٽي ضلعي ٺٽي جو سينيئر اڳواڻ آھي ۽ سندس ڀاءُ پير زين العابدين عرف بابا سائين هن دفعي ٻيو ڀيرو ٽائون ڪميٽي مڪلي جو چيئرمين مقرر آھي.

اڄ 11 رمضان المبارڪ تي سندس وصال واري ڏينهن تي پير غلام جيلاني شاھ جيلاني کي خراج تحسين پيش ڪندي سندس پونئيرن کان اها ئي اميد ڪجي ٿي ته سندس رهيل علمي ادبي ڪم کي اڳتي وڌائي رهيل مواد کي ڇپرائي ڪتابي صورت ۾ آندو ويندو.