استاد جو پروفائيل ۽ دنيا جي لقائن کي سمجهڻ جو آرٽ

0
85
استاد جو پروفائيل ۽ دنيا جي لقائن کي سمجهڻ جو آرٽ

 چارلس ڊڪنز جو مشھور قول آھي: “ھن دنيا ۾ ان ماڻھوءَ کي بيڪار نہ سمجھو جيڪو ٻين جي ڏکن – ڏاکڙن کي ھلڪو ڪري ٿو.” زندگي تہ آھي ئي ۽ ڏکن سکن جو ميلاپ. انسان نہ سدائين ڏکن سان گذاريندو آھي ۽ نہ وري سدائين سکن سان بسر ڪندو آھي. ڏکن ۽ سکن جو ھي سنگم انسان سان سڄي ڄمار چھٽيل رھندو آھي پوءِ، اسان چاھيون توڻي نہ. شايد ڪنھن تڏھن چيو آھي تہ: “ڏک سک زندگي جي سونھن آھن.” اسان کي ھي ضرور سوچڻ گھرجي تہ اسريل ملڪن وارا ماڻھو سدائين سکن ۾ ڇو آھن ۽، اسان جھڙن ملڪن ۾ ظلمت ۽ غربت جو راڄ سدائين ڇو قائم آھي. جواب سادو ۽ سولو آھي. اسريل ملڪن جي سياسي ۽ اداراجاتي قيادت راڄنيتي ۽ عوامي خدمتن جي معاملن ۾، ۽ پنھنجي قوم جي مستقبل جي باري ۾، ڪڏھن بہ ڪوتاھ نظر ناھي. انھن وٽ پنھنجي ملڪ ۽ قوم جي  مستقبل جي لاءِ چشمِ خواب (ويين) آھي. ۽ پاڻ وارن ملڪن ۾ ڇاھتر سالن جي عرصي دوران جنھن قسم جا عظيم ۽ اڻمٽ مثال قائم ڪيا ويا آھن انھن تي ڪتابن جا پنا، خاص طور تي اخبارن جا صفحا ڀريا پيا آھن. اسريل ملڪن ۾، مستقبل کي آفتن ۽ موقعن جي نظر سان ڏٺو، سوچيو، پرکيو ۽ رٿيو وڃي ٿو. اسريل ملڪن جي قيادتن ھن ڳالھ کي چڱيءَ طرح سان سمجھي ورتو آھي تہ، مستقبل جو (جيڪڏھن) آفتن يعني امڪاني مصيبن ۽ تڪيلفن؛ ۽ موقعن يعني سکن، سھولتن جي حساب سان جائزو ورتو وڃي تہ اسان کي پنھنجو علم ۽ عقل ھن ڪم کي ڪرڻ جي لاءِ مجبور ضرور ڪري ٿو تہ، اھو ڪي ڪجي جيڪو آئي ويل ڪم اچي. مستقبل: سڀ ڄاڻون ٿا تہ، غير يقين ھجڻ سان گڏ مبھم بہ آھي پوءِ، غير يقيني ۽ مبھم پِڻي کي ذھن ۾ رکي ھٿن تي ھٿ ڌري ويھي رھنداسين تہ اڳتي ڪيئن وڌنداسين. عالمي سچائي آھي تہ: “ھٿ پير ھڻڻ سان ئي ڪجھ ھڙ حاصل ٿيندو آھي.” ۽ ھونئن بہ انسان جي اڻ تڻ واري طبيعت ھن کي مجبور ڪندي رھي ٿي تہ ھو ڪجھ نہ ڪجھ اھڙو ڪندو رھي جنھن سان ھن جي زندگي سھل ۽ آسان بڻجي. ان جي لاءِ ھو تسلسل سان کوج ۾ رھي ٿو. ڏينھن رات محنت ڪندو رھي ٿو. پنھنجي نئين ٽھي کي ايندڙ وقت جي لاءِ صرف خبردار نہ پر، ھو ان کي مستقبل جي امڪاني خطرن ۽ فائدن کان بہ آگاھي ڏيندو ۽ رھنمائي پڻ فراھم ڪندو رھي ٿو. مثال: ھو چئي ٿو تہ، اسان جي نوجوانن کي ھي تربيت ڏيڻي پوندي تہ اھي ايندڙ آفتن ۽ موقعن جي باري ۾ اڳ ۾ ئي ھوشيار (خبردار) رھن ۽ تياريون ڪن. ڇاڪاڻ جو ائين ڪرڻ سان اھي آفتن کي منھن ڏيڻ جي قابل بڻجي پوندا ۽، موقعن جي مدد سان پنھنجي بقا کي يقيني بہ بڻائي سگھندا. اسان کي پنھنجي نوجوانن کي ھي ٻڌائڻو پوندو تہ، مستقبل ۾، انھن لاءِ ڪھڙيون مصيبتون ۽، ڪھڙا موقعا رکيل آھن.

انساني حيات پنھنجي مختلف دورن مان پاري پئي اڄ ان مقام تي اچي پھتي آھي جو سالن جو ڪم سيڪنڊن ۾ ٿي وڃي ٿو. جيئن آنلائين ترجميڪاري جا سرشتا. اھڙي طرح سان اسان وٽ ڪيتريون ئي نيون ترڪيبون، ڪيترائي ڪارائتا نمونا، ڪيتريون ئي وقتائتيون تحقيقون ۽، جديد ايجادون ۽ دريافتون دستياب آھن جن جي مدد سان اسان پنھنجي ٻارن جي لاءِ، ھنن جي تعليمي سفر کي سولو ڪرڻ ۾، اھو ڪجھ تيار ڪري ڏئي سگھون ٿا جنھن جي ٻَل تي ٻار ايندڙ وقتن جي آفتن سان منھن ڏيڻ جي قابل ۽ موقعن مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي اھل بڻجي پوندا. ڇوتہ اھي سڀاڻي جا نوجوان آھن ۽، ان کان اڳتي اھي پنھنجي لاءِ ڪنھن نہ ڪنھن پيشي جي چونڊ بہ ڪندا تہ پوءِ ڇونہ انھن کي مستقبل جي آفتن ۽ موقعن جي باري ۾ اڳواٽ ئي سڌ ڏئي ڇڏجي. ھنن کي ھي ٻڌائي ڇڏجي تہ اڄ کان ٽي چار سال پوءِ، ڪھڙي شعبي ۾ روزگار جا جام موقعا دستياب آھن. مثال: آرٽيفيشل انٽيليجنس. ۽ ڪھڙيون ڪھڙيون مندائتيون، سياسي، سماجي ۽ معاشي يا عالمي حالتون توھان کي متاثر ڪري سگھن ٿيون. مثال: عالمي امڪاني جنگيون، تيل جا غير يقيني اگھ ۽ يقيني ماحولياتي تبديليون. ھنن سڀني ڳالھين کي ڪرڻ جو مقصد ھي آھي تہ، اسان کي پنھنجي ٻارن جي بھتر مستقبل جي لاءِ حاصل ڄاڻ کي پوري طرح سان سمجھائڻ انھيءَ لاءِ بہ ضروري آھي تہ جيئن ان مدد سان اسان جا ٻار پنھنجي لاءِ بھتر کان بھتر منصوبابنديون ڪري سگھن، انھن کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ مناسب قدمن کي کڻي سگھن ۽، پنھنجي مستقبل کي محفوظ بڻائي سگھن. ائين ڪرڻ سان اسان جي ٻارن ۾ فيصلي ڪرڻ جي سگھ پيدا ٿيندي، ھو شين جو جائزو وٺڻ ۽ انھن جو ڇيد ڪرڻ جي قابل بڻجي پوندا. اھڙي ڪم جي لاءِ تعليمي ماھرن ۽ پاليسي سازن جي بدلي؛ ھڪ استاد جو پروفائيل (پيشيواراڻي خاڪو جنھن جو بنياد ھن جو علم، مطالعو، مشاھدو ۽ تجربو آھي) وڌيڪ اھميت اختيار ڪري وڃي ٿو. استاد پنھنجي مضمون کي موثر نموني سان پڙھائڻ سان گڏ، جيڪڏھن مطالعي جو شوق ۽ مشاھدي جو ذوق رکي ٿو تہ، اھو استاد ھڪ عام استاد جي ڀيٽ ۾، دنيا جي لقائن کي سمجھڻ ۾، پنھنجو ھڪ الڳ ئي موقف رکندڙ ھوندو ۽، ان جو مکيہ سبب ھوندو علم، مطالعو، مشاھدو ۽ تجربو جنھن جي بنياد تي حاصل ڄاڻ ۽ دستياب شين جو تقابلي جائزو وٺڻ ۽ انھن جو تجزيو يعني ڇيد ڪرڻ ئي ٻارن کي مستقبل جي تياري جي لاءِ بھتر رھنمائي جو سبب بڻجي پوندو.

اسان جي اسڪولن کي (معاشري) کي اھڙا قابل استاد ئي کپن ٿا. مضمون تي گرفت استاد جي اعتماد کي پختو ڪري ٿي. مطالعو ۽ مشاھدو استاد کي گھڻو متحرڪ ۽ سھڻي نموني سان سرگرم رکڻ ۾ ڪافي مددگار بڻجي ٿو. ھنن سان گڏ استاد جي تجربي کي بہ جيڪڏھن شامل ڪجي تہ استاد جي پروفائيل کي چار چنڊ لڳي ويندا. نہ صرف ايترو پر اسان جي استاد کي تعميري ۽ تخليقي بہ ٿيڻو پوندو توڻي جو تعمير جي لاءِ پيشوراڻي تربيت جي ضرورت ھجي ٿي پر ھن حقيقت کي بہ مڃڻو پوندو تہ تخليق جو تعلق وري ڀاڳن سان ھوندو آھي. ان جي باوجود ھي سڀ شيون ھڪ استاد جي پروفائيل کي مضبوط ڪن ٿيون. ۽ استاد جي مضبوط پروفائيل جو گھٽ يا وڌ فائدو نيٺ ٻارن کي ئي ٿيندو رھندو. ٻيو حاصل ڄاڻ جي مدد سان استاد مستقبل جي باري ۾ تور تڪ ڪري اڳڪٿي ڪري سگھي ٿو ۽ غير يقيني جي ھڙني اشارن (انڊيڪيٽرز) مان ڪجھ اشارن جي مدد سان تجزياتي نقشو تيار ڪري مستقبل جي ھاڪاري ۽ ناڪاري لاڙن (رجحانن) جي باري ۾ ٻارن جي رھنمائي ڪري سگھي ٿو. جيئڻ ايندڙ وقت ۾ اعلى تعليمي ۽ تحقيقي موقعن، اجرتي مارڪيٽ جي لاءِ امڪاني افرادي قوت جي ضرورتن، دستياب قدرتي ۽ انساني وسيلن جي استعمال جي باري ۾ ٻارن جي سھڻي نموني سان رھنمائي ڪري ھنن جي تعليمي سفر کي سولو ۽ بامقصد بڻائي سگھي ٿو. پنھنجي پروفائيل جي مدد سان استاد ٻارن کي ان وقت جي باري ۾ آگاھي ڏئي سگھي ٿو جيڪو وقت ٻارن جو انتظار ڪري رھيو آھي ۽ ڇا ھي حقيقت ناھي تہ ٻار بہ تہ اصل ۾ ان وقت سان ملڻ جي لاءِ بي چين ھوندا آھن. محنتون ۽ جفاڪشيون ڪري رھيا ھوندا آھن. ٻار پنھنجي استاد کي ڪيترن ئي روپن ۾ ڏسندو ۽ سکندو آھي. استاد اسڪول ۾ ٻار جي لاءِ اتساھ جو وڏي ۾ وڏو ڪارڻ ھوندو آھي. ڇاڪاڻ جو اھو ٻارن کي ڪيترن ئي روپن کي ادا ڪندي پڙھائي، سمجھائي ۽ سيکاري رھيو ھوندو آھي. استاد کي صرف پنھنجي مضمون تي نہ ڀاڙڻ گھرجي پر ان کي ھر فن مولا ٿيڻو پوندو. ڪڏھن ٻارن کي فنڪار ٿي گيت ٻڌائڻو پوندو تہ، ڪڏھن اداڪار ٿي ڪتاب ۾ ڏنل مڪالمن کي ادا ڪرڻ پوندو. ۽ خاص طور تي ھن کي مستقبل جي باري ۾ پنھنجي علمي سگھ جي بنياد دورانديشي کان ڪم وٺندي ٻارن کي انھن شين کان باخبر رکڻو پوندو جيڪي شيون انھن جي لاءِ بدبختي يا خوشقسمتي جو باعث بڻجي سگھن ٿيون. پنھنجي پروفائيل جي بنياد تي ٻارن جي ئي مقصد کي ڇاڻي ڇنڊي ھڪ اھڙي ترتيب ڏيڻي پوندي جنھن سان ٻارن جو مستقبل روشن ۽ بامقصد بڻجي پوندو. انھيءَ لاءِ ضروري آھي تہ ھڪ استاد کي ٻارن جي بھتر مستقبل جي اڏاوت جي لاءِ پنھنجي پروفائيل کي جاندار بڻائڻ تي وڌ ۾ وڌ ڌيان ڏيڻو پوندو. ھڪ سياڻي ماڻھوءَ ڪيڏي نہ خوبصورت ڳالھ ڪئي آھي: “ٻيھر شروعات ڪرڻ کان نہ گهٻرايو. ھن وقت توھان لاپرواھيءَ سان شروعات نہ ڪري رھيا آھيو پر پنھنجي تجربي جي مدد سان شروعات ڪري رھيا آھيو.” سو اڄ کان ئي پنھنجي پروفائيل تي سوچڻ ۽ ڪم ڪرڻ جي شروعات ڪري ڇڏيو ڇوتہ توھان جو ٻارن جي مستقبل کي سنوارڻ سان سڌو سنئون تعلق آھي.