ميهڙ ٽيڻو قتل ڪيس: سردارن جو شاهد جي بيان تي اعتراض، هر صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيون: ام رباب چانڊيو

0
339

دادو (رپورٽ: فتاح شيخ) ام رباب چانڊيو جي ٽن گهرڀاتين جي قتل ڪيس بابت دادو جي عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي، فريادي ۽ جوابدار ڌر سوڌو شاهد به عدالت ۾ پيش ٿيا

ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ۾ ام رباب چانڊيو فريادي پرويز ۽ شاهدن سميت پيش ٿي جڏهن ته پ پ ايم پي اي سردار احمد،  برهان خان چانڊيو ۽ ٻيا نامزد  جوابدار به عدالت ۾ پيش ٿيا

ٻڌڻي دوران ڪيس جي شاهد اعجاز احمد چانڊيو جو بيان رڪارڊ ڪيو پئي ويو ته جوابدار ڌر سردار چانڊيو، برهان چانڊيو ۽ ٻين جي وڪيلن پاران شاهد جي بيان تي اعتراض واريو ويو

عدالت جوابدار ڌر جي وڪيلن کي حڪم ڏيندي چيو ته شاهدن جا بيان رڪارڊ نه ڪرڻ جو ڪو آرڊر آهي ته اهو 11 آگسٽ تائين عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ شاهدن جو بيان هن عدالت ۾ رڪارڊ ڪيو ويندو، عدالت ٻڌڻي 11 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي

عدالت ۾ ٻڌڻي بعد ام رباب چانڊيو ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته جوابدار ڌر هڪ ڀيرو ٻيهر دير وارو حربو استعمال ڪيو، اڄ شاهدن جا بيان رڪارڊ ٿيڻا هئا، انهن تي اعتراض واريو ويو

هن جو چوڻ هو ته شاهدن جا بيان رڪارڊ نه ٿي سگهيو، جوابدار ڌر هاءِ ڪورٽ ۾ شاهدن جي بيان رڪارڊ ڪرڻ خلاف درخواست داخل ڪرڻ جو اشارو ڏنو آهي

ام رباب چانڊيو  جو چوڻ هو ته اسان پهرين ڏينهن کان اهي دانهون ڪري رهيا آهيون ته هن ڪيس ۾ ڄاڻي واڻي دير ڪرائي پئي وڃي، ائين محسوس ٿي رهيو آهي ته جوابدار قانون کان مٿانهان آهن، جنهن ڪري اسان جو ڪيس 6 سالن کان رولڙي جو شڪار آهي

ام رباب چانڊيو چيو ته منهنجي گهر جا 3 ڀاتي قتل ٿيل آهن اکين ڏٺن شاهدن جا بيان رڪارڊ ٿي رهيا هئا ته انهن تي اعتراض وارڻ اجايو آهي

هن  جو چوڻ هو ته پيپلزپارٽي سان تعلق رکندڙ ايم پي ايز ڀائر سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو هن ڪيس ۾ دير جا حربا استعمال ڪري رهيا آهن پر ان باوجود اسان هر صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيون

ام رباب چانڊيو چيو ته جيڪڏهن شاهدن جا بيان رڪارڊ ڪرائڻ تي اسٽي ورتو ويو ته اسان ان معاملي ۾ به عدالتن ۾ پيش ٿينداسين، انصاف تائين ڪيس جي پوئيواري ڪنداسين

هن وڌيڪ چيو ته هر ڀيري جڏهن به ٻڌڻي ٿيندي آهي ته هنن مان ڪو هڪ ڀاءُ بيماري جو بهانو ڪندو آهي ته جيئن ڪيس رولڙي جو شڪار ٿئي، اڄ وري شاهد جڏهن بيان ڏئي رهيو هو ۽ شاهد ڳالهائڻ شروع ڪيو ته جوابدار ڌر پاران کيس روڪيو ويو

جوابدار ڌر پاران شاهد جو بيان روڪڻ بابت هڪ درخواست داخل ڪئي وئي، جوابدار ڌر جو مقصد آهي ته شاهد جيڪو ڏٺو ۽ ٻڌو آهي اهو نه ٻڌائي پر اهو بيان ڏئي جيڪو جوابدار ڌر چاهي ٿي ان ڪري روڪيو آهي، ايندڙ تاريخ 11 آگسٽ ملي آهي