سپريم ڪورٽ توشا خانه ڪيس جون اپيلون اڪلائي ڇڏيون

0
318

سپريم ڪورٽ توشا خانه ڪيس جون اپيلون اڪلائي ڇڏيون

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ توشا خانه ڪيس جون اپيلون اڪلائي ڇڏيون، فيصلي کان اڳ توشا خانه ڪيس  بابت پي ٽي آءِ چيئرمين جي اپيل تي ٻڌڻي ڪندڙ سپريم ڪورٽ جي بئنچ تبديل ڪئي وئي هئي

 سپريم ڪورٽ اپيلون اڪلائيندي فيصلو ٻڌايو، جنهن ۾ چيو ويو ته ٽرائل ڪورٽ هاءِ ڪورٽ جي حتمي فيصلي تائين توشا خانه ڪيس جو فيصلو نه ٿي ڪري سگهي، ان کان اڳ سپريم ڪورٽ هجي بئنچ ۾ تبديلي ڪندي جسٽس مظاهر علي اڪبر جي جاءِ تي جسٽس اظهر حسن رضوي کي بئنچ ۾ شامل ڪيو ويو هو

جسٽس يحيٰ آفريديءَ جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بئنچ پي ٽي آءِ چيئرمين جي اپيل تي ٻڌڻي ڪندي،نئين بئنچ ۾ جسٽس حسن اظهر رضوي ۽ جسٽس مسرت هلالي شامل، پي ٽي آءِ چيئرمين جا وڪيل عدالت کي توشا خنه ڪيس بابت هاءِ ڪورٽ جي ٻڌڻي کان آگاهه ڪندا

هي به پڙهندا

فوج کي ڪنهن به غير آئيني قدم کان روڪينداسين: چيف جسٽس