ملير:پوليس به ڌاڙيلن جيان شهرين کي ڀنگ لاءِ اغوا ڪرڻ لڳي، 2 مغوي بازياب

0
262

ملير: ملير جي شاهه لطيف ٿاڻي جي پوليس به ڌاڙيلن جيان شهرين کي ڀنگ لاءِ اغوا ڪرڻ لڳي آهي، سي آءِ اي پوليس ۽ رينجرز ٿاڻي تي گڏيل ڇاپو هڻي 2 مغوي شهرين کي بازياب ڪرائي ورتو آهي

ذريعن موجب اسپيشل پوليس پارٽي ٻن نوجوانن کي اغوا ڪري وارثن کان 10 لک رپيا ڀنگ گهريو هو، 5  لک ڀنگ طئي ٿيڻ بعد رقم وصول ڪرڻ لاءِ وارثن کي پھرين قائدآباد ۽ پوءِ  شاھ لطيف گھرايو ويو، وارثن قانون لاڳو ڪندڙ اداري ۽ سي آءِ اي پوليس سان رابطو ڪيو

 ڪارروائي دوران اغوا ڪندڙن کي ڀنگ وصول ڪندي گرفتار ڪيو ويو، جوابدارن جي نشاندھي تي ٿاڻي تي ڇاپو ھڻي مغوين کي بازياب ڪرايو ويو، پوليس جي اعليٰ آفيسرن ايس ايڇ او ۽ ٻين اھلڪارن کي گرفتاريءَ کان بچائي ورتو

 ايس ايچ او شاھ لطيف جو چوڻ آهي ته مون کي معاملي جي خبر نه ھئي، ملير جي خاص ٽيم مغوين کي ٿاڻي تي رکيو ھو، جاچ ڪري ملوث اهلڪارن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي ويندي

هي به پڙهندا

ٽڪ ٽاڪ وڊيوز ٺاهڻ جي بهاني اغوا ڪيل 2 نوجوان ڪچي مان بازياب