محرابپور ڀرسان ٽرين تان ڪري نوجوان فوت

0
275

محرابپور(ن پ ا) محرابپور جي سيال آباد روڊ واري ڦاٽڪ ڀرسان پشاور کان ڪراچي ويندڙ رحمان بابا ايڪسپريس ٽرين ۾ سفر ڪندڙ 27 ورهين جو نوجوان ڪري فوت ٿي ويو .

ريلوي پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته فوتي جي سڃاڻپ ڪراچي واسي ٽناءُ الله پٽ مهر دل يوسفزئي طور ٿي آهي جيڪو ڪراچي جي ڪياماڙي واري علائقي جو رهواسي هو.

 فوتي نوجوان پنهنجي امڙ سان گڏ پشاور کان ڪراچي ڏانهن سفر ڪري رهيو هو ته محرابپور ۾ حادثي جو شڪار ٿيو.