فنڪارن جو عروج گهٽ وقت لاءِ هوندو آهي ۽ پوء هٿ ٽنگڻ تي مجبور ٿيندا آهن:شمن ميرالي

0
548

ڪراچي (شوبز نيوز): ثقافت کاتي جي هفتيوار آنلائن پروگرام ڪيفي ثقافت ۾ سنڌ جي نامياري راڳي شمن علي ميراليءَ سان شام ملهائي وئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي شمن ميراليءَ چيو ته ڳائڻ جي شروعات بابا سان گڏجي درگاھ تي وڃي صوفي ڪلام ڳائڻ سان ٿي. چنڊ جي پهرئين جمعي تي اهو ميلو لڳندو آهي.بابا سائين سان گڏجي رکيل سائين جي درگاھ جا فقير هئاسين، بابا صوفي ڪلام ڳائيندو هو.هن چيو ته اڄڪلھ جي شاعرن کي پنهنجي شاعريءَ جي ڌن جي به ٿوري گهڻي ڄاڻ آهي جنهن ڪري اسان کي آساني ٿي پوندي آهي.هن چيو ته آئون سڀ کان پهرين پنهنجو پاڻ سان محبت ڪندو آهيان ۽ انڪري مان پنهنجي ڊريسنگ ۽ اسٽائل سميت هر شيء جو بيحد خيال رکندو آهيان. هن وڌيڪ چيو ته فنڪارن جي عروج واري زندگي تمام ٿوري آهي ۽ پوء هٿ تنگ ٿيڻ جي صورت ۾ هو مجبور ٿي پوندا آهن. مون سدائين کين اها تلقين ڪئي آهي ته هو پنهنجو قيمتي وقت ۽ پيسو ائين ضايع نه ڪن ۽ پنهنجي اولاد لاء به بهتر سيڙپڪاڙي ڪن. جيڪا عادت گهڻن فنڪارن ۾ ڪونهي ته هو پنهنجي عروج جي دور ۾ ڪجھ بچت ڪن.