فاطمه قتل ڪيس، پير اسد شاهه 4 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي

0
310

راڻيپور (رپورٽر) پيراسد شاهه 4 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ٿي ويو، فاطمه قتل ڪيس ۾ گرفتار ڪيل مک جوابدار اسد شاهه کي راڻيپور جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو

عدالت جوابدار کي 4 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي، پوليس جوابدار اسد شاهه کي منهن تي چادر ويڙهي عدالت ۾ پيش ڪيو

گذريل ڏينهن پيرن جي حويلي اندر تشدد ڪري ماريل معصوم ٻارڙي فاطمه جي تڙپي تڙپي دم ڏيڻ جا سي سي ٽي وي فٽيجز سامهون آيا هئا، سوشل ميڊيا تي معاملو اٿڻ بعد جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو هو

گرفتاري کان اڳ پير اسد علي شاهه چيو هو ته  ٻارڙي فاطمه تشدد نه پر طبيعت خراب ٿيڻ سبب فوت ٿي آهي، اسان جي درگاهه تي ته مئا به جيئرا ٿي پوندا آهن، هن چيو هو ته ٻارڙي حويلي ۾ ڪم ڪار ڪندي هئي

اسد شاهه موجب ڪجهه ڏينهن اڳ سندس طبيعت خراب ٿي ته نجي اسپتال ۾ علاج ڪرايو، رات جو اوچتو طبيعت خراب بعد ٻارڙي دم ڏئي ڇڏيو، اسان ڪنهن ڳالهه ۾ کُٽل هجون ها ته وارثن کي سي سي ٽي وي فٽيجز ڇو ڏيون ها، ٻارڙي جا وارث اسان جا مريد ۽ ٻچا آهن

ٻئي پاسي ٻارڙي جو علاج ڪندڙ ڊاڪٽر عبدالفتاح ميمڻ چيو آهي ته نينگري مون وٽ آئي هئي ته کيس اُلٽيون ۽ دست هئا، سندس جسم مان پاڻي تمام گهڻو گهٽجي ويو هو، ٻارڙي کي دوائون ڏنيون، پر وري طبيعت خراب ٿي وئي

ٻئي طرف معصوم نياڻي جي  دردناڪ قتل تي سموري سنڌ سوڳوار آهي  سنڌ جي قومپرستن، دانشورن ۽ سول سوسائٽي راڻيپور جي حويلي ۾ ڪم ڪندڙ 10 ورهين جي نينگري فاطمه کي بيدردي سان قتل ڪرڻ واري واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي عدالتي جاچ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي

 جيئي سنڌ قومي محاذ جي سينيئر اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته سنڌي ماڻهن کي مسئلن ۾ ڦاسائڻ لاءِ وحشت ۽ دهشت ڀريا واقعا ڪرايا پيا وڃن ته جيئن ماڻهو بنيادي حقن سميت ٻين مسئلن کان لاتعلق بڻيل رهن

هن چيو ته نينگري جو بنا پوليس ڪارروائي جي لاش دفنائڻ وارو معاملو وڏو سوال آهي ڇاڪاڻ ته مقامي پوليس کي سموريون قانوني گهرجون پوريون ڪرڻيون هيون. هن چيو ته حقيقتون لڪائڻ بدران جاچ کي وائکو ڪيو وڃي ته جيئن واقعي ۾ ملوث سمورا ڪردار منطقي انجام تائين پهچي سگهن

 جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو چيو ته افسوسناڪ واقعو آهي جنهن جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي. هن چيو ته معاملي جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙڻ بدران عدالتي جاچ ڪرائي وڃي ته جيئن ڏوهاري قانون جي ڪٽهڙي ۾ اچي سگهن ڇاڪاڻ ته اهڙي قسم جي واقعن جون اڳ به جي آءِ ٽي جڙيون آهن پر ملوث ماڻهو بااثر هئڻ سبب سزائن کان بچي ويا آهن

دانشور ذوالفقار هاليپوٽو چيو ته نينگري فاطمه وارو واقعو پيري مريدي جو تسلسل آهي ڇاڪاڻ ته اڄ به سنڌ جي ٻهراڙين ۾ ڪيترائي ماڻهو پيرن کي پنهنجو مرشد سمجهي کين سڀ ڪجهه نڇاور ڪندا رهن ٿا

 هن چيو ته جانورن، ٻوٽن سميت هر شيءَ جا بنيادي حق آهن پر هتي سنڌ ۾ ٻارڙن کي حقن کان محروم ڪيو ويو آهي. فاطمه 10 سالن جي نينگري آهي جنهن کي چائلڊ ليبر ايڪٽ تحت جبري طور ڪم ڪرايو پئي ويو پر حويلي ۾ وحشياڻو تشدد ڪري قتل به ڪيو ويو آهي. واقعي جي جاچ لاءِ لاڳاپيل ادارا تحرڪ وٺن

سماج سڌارڪ ۽ پراڻي قومپرست اڳواڻ پنهل ساريو چيو ته سنڌ ۾ پيري مريدي وارو پراڻو نظام اڃا تائين جاري آهي. غربت سبب مسڪين ماڻهو پنهنجا معصوم ٻار توڙي نياڻيون حويلين توڙي سردارن جي گهرن ڏانهن ڪم ڪار اماڻين ٿا ته جيئن پنهنجي گهر جو گاڏو هلائي سگهن پر راڻيپور ۾ حويلي جي مالڪ پنهنجي زال سان گڏجي معصوم فاطمه کي بي رحماڻي تشدد جو نشانو بڻائي قتل ڪيو آهي جنهن ڪري ٻنهي کي جاچ ۾ شامل ڪيو وڃي

وومين ايڪشن فورم جي اڳواڻ امر سنڌو چيو ته فاطمه وارو واقعو هڪ ڏينهن اڳ جو آهي پر سندس وڊيوز هاڻي وائرل پيون ٿين. مقامي پوليس لاپرواهي جو مظاهرو ڪيو جنهن ڪري بنا پوليس ڪارروائي جي سندس لاش به دفنايو ويو

هن چيو ته اسد شاهه کي پوليس جيتوڻيڪ گرفتار ڪري ڇڏيو آهي پر اڃا تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيڻ تي کين مختلف خدشا آهن ته ڪٿي جوابدارن کي بچائڻ جون ڪوششون شروع ڪيون ويون آهن

سندس چوڻ هو ته واقعي جي اڻڌري جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙي وڃي ڇاڪاڻ ته بااثر ماڻهو پاڻ بچائڻ جي ڪوشش ڪندا پر کين ڪنهن به صورت ۾ بچڻ نه ڏنو وڃي. انهن وڏو ظلم ڪري معصوم نينگري کي اذيت ڏئي قتل ڪيو آهي

امر سنڌو چيو ته آءِ جي سنڌ معاملي جو نوٽيس وٺندي مقامي پوليس خلاف ڪارروائي کي اثرائتو بڻائي ته جيئن ٻيهر اهڙي قسم جي واقعن ۾ پوليس بنا پوسٽ مارٽم ۽ ڪاررواين جي لاش وارثن حوالي نه ڪن

سنڌياڻي تحريڪ جي صدر زينت سمون چيو ته پيراڻي حويلي ۾ ڪم ڪندڙ معصوم نياڻي فاطمه وارو واقعو لڱ ڪانڊاريندڙ جنهن جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي

هن چيو هت بي حسي جو عالم آهي اهو آهي جو فاطمه جي وارثن تي قيامت برپا ٿي پر مقامي پوليس بااثر ماڻهن جي اثر رسوخ سبب جاچ ڪرڻ بدران بنا پوليس ڪارروائي جي لاش وارثن حوالي ڪيو جن خوف ۾ ڪنهن سان ڳالهه ڪرڻ بدران فاطمه کي دفن به ڪري ڇڏيو آهي

هن مطالبو ڪيو ته ڪيس جي گھڻ رخي جاچ ڪرائي وڃي ته جيئن سمورا جوابدار منطقي انجام تائين پھچي سگهن

هي به پڙهندا

راڻيپور واقعو: پير اسد شاهه گرفتار: ايس ايڇ او معطل