عمرڪوٽ (رپورٽر) عمرڪوٽ شهر ۾ پرڪاش مهراج جي ڪراڪري واري دڪان تي ڪم ڪندڙ ڳوٺ آڏتيو واٽر واسي پريم ڀيل جو نوجوان پٽ هالو ڀيل 20 هزار رپيا کڻي شهر ۾ سامان خريد ڪرڻ لاءِ ويو هو نه دڪان تي پهتو نه ئي وري گهر پهتو جنهن بعد هالو ڀيل جي پرسرار نموني گم ٿيڻ کانپوءِ وارثن پاران عمرڪوٽ سٽي ٿاڻي تي هالو ڀل جي گم ٿيڻ جي رپورٽ پڻ داخل ڪرائي هئي جڏهن ته اٺ ڪلاڪن کانپوءِ نوجوان هالو ڀيل کي اڻڄاتل ماڻهن پاران مبينا تشدد ڪري رسن سان ٻڌي بيهوشي واري حالت ۾ سامارو روڊ تي اڇلائي 20 هزار رپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا، جتي نوجوان هالو ڀيل کي سامارو روڊ ڀرسان رهندڙ علائقي واسين پاران دڪان مالڪ پرڪاش ۽ مهراج عمرڪوٽ پوليس کي اطلاع ڏنو پوليس پهچي نوجوان کي بيهوشي واري حالت ۾ سول اسپتال عمرڪوٽ پهچايو جتي طبي امداد ڏئي کيس ھوش ۾ آندو ويو. جڏھن ته ھوش ۾ اچڻ بعد ھالو ڀيل پنھنجي اخبار سان ڳالھائيندي چيو ته مونکي ميزان بئنڪ وٽ ڪيبن تي سوپاريون وٺڻ محل ڪنھن پويان کان ڌڪ ھڻي بيھوش ڪري ڇڏيو جنھن بعد اسپتال ۾ اچي ھوش آيو آھي. ھن چيو ته مونسان ظلم ٿيو آھي اختياريون نوٽيس وٺي انصاف فراھم ڪن.