عمران خان ۽ اسٽيبلشمينٽ وچ ۾ ٺاھھ لاءِ ڪوششون ڪريون پيا: پرويز الاھي

0
219
پرويز الاهي فواد چوڌري

اسلام آباد: ق ليگ اڳواڻ پرويز الاهي چيو آھي تھ عمران خان ۽ اسٽيبلشمينٽ وچ ۾ ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون،، عمران خان کي مشورو ڏنو آهي ته هو اسٽيبلشمينٽ سان ويڙهه بدران سياسي مخالفن کي نشانو بڻائي

ھن چيو تھ اهڙي ڳالهه نه ڪرڻ گهرجي جو فائدي بدران نقصان ٿئي،  اسٽيبلشمينٽ نيوٽرل آهي، اِن کان وڌيڪ نيوٽريلٽي ڪهڙي هوندي جو وقت جي حڪومت خلاف بي اعتمادي رِٿ ڪامياب ٿي وئي،اسٽيبلشمينٽ ڪجهه ناهي ڪيو