عائزا لاءِ جعلي سوشل ميڊيا اڪائونٽ مٿي جو سور، مدد جي اپيل

0
271

لاهور(شوبز نيوز)پاڪستان جي ناليواري اداڪارا عائزا خان به مشهوري جي ڪري پريشانين کي منهن ڏيڻ لڳي آهي ۽ کيس پنهنجي نالي تي ڪنهن غلط بياني کان بچڻ لاءِ مداحن کي منٿون ڪرڻ لڳي آهي عائزا خان پنهنجي مداحن کي سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي نالي سان ٺهيل جعلي اڪائونٽ رپورٽ ڪرڻ جي درخواست ڪري ڇڏي آهي.اداڪارا انسٽاگرام تي ڄاڻايل جعلي اڪائونٽ جو اسڪرين شارٽ شيئر ڪندي اهڙي درخواست ڪئي آهي.هن پنهنجي اسٽوري ۾ لکيو ته هن اڪائونٽ جي رپورٽ ڪئي آهي.عائزا خان طرفان هڪ ٽوئيٽر اڪائونٽ جو اسڪرين شارٽ شيئر ڪيو ويو جنهن ۾ سندس تصوير لڳل آهي ۽ اهو ويريفائيڊ به ٿيل آهي.سندس نالي سان ٺيهل اڪائونٽ تي اڍائي لک فالوورز آهن جن طرفان اهي دعوائون ڪيون ويون هيون ته اهي سندس ٽيم جو حصو آهن.ايتري قدر جو ان جعلي اڪائونٽ جي هينڊل جو نالو به عائزا خان جي آفيشل ٽوئيٽر اڪائونٽ سان ملندڙ جلندڙ آهي.اداڪارا جي درخواست کانپوءِ ڄاڻايل جعلي اڪائونٽ هاڻي ٽوئيٽر تي موجود ناهي.واضح رهي ته ان کان اڳ به شوبز سان سلهاڙيل شخصيت سميت ٻين ڪيترن ئي ناليوارين مشهور شخصيتن جا جعلي اڪائونٽ ٺهندا رهندا آهن جن جي مختلف وقتن ۾ نشاندهي به ٿيندي رهندي آهي ۽ انهن اڪائونٽن تان بليڪ ميلنگ سميت مختلف غيرقانوني عمل ڪيا ويندا آهن.