طالبان 4 اغوا ۾ ملوث جوابدارن جا لاش چوڪ تي لٽڪائي ڇڏيا

0
285
طالبان 4 اغوا ۾ ملوث جوابدارن جا لاش چوڪ تي لٽڪائي ڇڏيا

افغانستان جي شھر ھرات ۾ طالبان مقابلي ۾ مارجي ويل 4 اغوا ۾ ملوث جوابدارن جا لاش چوڪ تي لٽڪائي ڇڏيا.

افغان ميڊيا جي رپورٽن موجب طالبان دعويٰ ڪئي آھي تھ اغوا ڪندڙن واپاري ۽ انھيءَ جي پٽ کي اغوا ڪيو ھو، جڏھن تھ فورسز سان مقابلي ۾ چارئي اغوا ڪندڙ جوابدار مارجي ويا.

عملدارن ٻڌايو تھ مقابلي ۾ واپاري۽ انھيءَ جي پٽ کي حفاظت سان بازياب ڪرايو ويو آھي.

طالبان عملدارن موجب مارجي ويل اغوا ڪندڙن جا لاش ھرات شھر جي مرڪزي چوڪ تي لٽڪايا آھن تھ جيئن ٻين جوابدارن ۽ اغواڪار عبرت حاصل ڪري سگھن.

افغان ميِڊيا رپورٽن موجب اغوا ڪندڙن واپاري ۽ انھيءَ جي پٽ کي ھرات جي پي ڊي 12 جي علائقي ۾ پيٽرول پمپ ٻاھران اغوا ڪيو ھو.

رپورٽن ۾ چيو ويو آھي تھ ھرات ۾ اغوا جا واقعا ھڪ وڏو مسئلو بڻجي ويو آھي ۽ طالبان اغوا ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون جو اعلان ڪيو آھي.