صالح پٽ ڀرسان ٻن ڳوٺن ۾ گيسٽرو جا وار، نينگري فوت، ڪيترائي مبتلا

0
252
صالح پٽ ڀرسان ٻن ڳوٺن ۾ گيسٽرو جا وار، نينگري فوت، ڪيترائي مبتلا
صالح پٽ ڀرسان ٻن ڳوٺن ۾ گيسٽرو جا وار، نينگري فوت، ڪيترائي مبتلا

صالح پٽ (ن پ ا) صالح پٽ ڀرسان ٻن ڳوٺن ۾ گيسٽرو جي بيماري پکڙجي وئي،  گيسٽرو وگهي 14 ساله ارشاد خاتون ڌي خميسو شيخ فوت ٿي وئي جڏهن ته ڪيترائي ٻارڙا ۽ عورتون بيماري ۾ مبتلا ٿي ويون

ڳوٺ تتروئي ۽ ڳوٺ تاج فارم جي رهواسي شيخ برادري جي عورتن ۽ ٻارڙن ۾ اچانڪ گيسٽرو جي بيماري ڦهلجي وئي آهي، بيماري ۾ مبتلا عورتن عزت خاتون, امينت ۽ 4 ساله سيمه کي رورل هيلٿ سينٽر صالح پٽ آندو ويو آهي جتي کين فرسٽ ايڊ ڏنو پيو وڃي

گيسٽرو ۾  مبتلا عورتن ٻڌايو آهي ته سندن ڳوٺن ۾ 8 کان وڌيڪ ٻيا ٻارڙا ۽ عورتون گيسٽرو ۾ مبتلا آهن جن جو جلد علاج ڪيو وڃي جڏهن ته هڪ ڏينهن اڳ اسانجي  14 ساله نينگري ارشاد خاتون ڌي خميسو شيخ فوت ٿي وئي آهي

ٻئي طرف ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته مريض وچولي سطح جي گيسٽرو ۾ مبتلا آهن کين فرسٽ ايڊ ڏئي وڌيڪ علاج لاءِ ايمبولنس ذريعي سکر اسپتال موڪليون ٿا

 

ھي به پڙھندا

لاڙڪاڻي شهر ۽ ڀرپاسي ۾ رولو ڪتن جو آزار، وڌيڪ 10 ڄڻا ڏاڙهي زخمي