لاڙڪاڻي شهر ۽ ڀرپاسي ۾ رولو ڪتن جو آزار، وڌيڪ 10 ڄڻا ڏاڙهي زخمي

0
273

لاڙڪاڻو (ن پ ا) لاڙڪاڻي شهر ۽ آس پاس وارن علائقن ۾ رولو ڪتن جو آزار وڌي ويو، رولو ڪتن هڪ ئي ڏينهن مختلف علائقن 10 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو

متاثرن ۾ 16 سالن جو منٺار ، 12 سالن جو سرمد علي، 7 سالن جو قاضم علي ،55 سالن جي اميران خاتون ۽ ٻين کي رولو ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو جن کي سندن وارثن زخمي حالت ۾ کڻائي لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال آندو

متاثرين کي ويڪسين ۽ طبي امداد ڏئي گهر روانو ڪيو ويو، ان حوالي سان اينٽي ربيز ويڪسين سينٽر جي ڊاڪٽرن ٻڌايو ته رولو ڪتن جي حملي ۾ زخمي ٿيل متاثرن جو واسطو لاڙڪاڻي شهر ۽ ضلعي جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن سان آهي جن کي بروقت ويڪسين ۽ علاج ڏئي گهر روانو ڪيو ويو آهي

 

ھي به پڙھندا

جوابدار سڪندر ۽ ذوالفقار چانڊيو جي ضمانت رد، اها حق سچ جي فتح آهي: ام رباب