شاهنواز ڏاهاڻي سنڌي آهي يا بلوچ؟ سوشل ميڊيا تي مٿس تنقيد: بحث

0
276

  ڪرڪيٽر شاهنواز ڏاهاڻي پاران پاڻ کي بلوچ چوڻ بعد سوشل ميڊيا تي نئون بحث شروع ٿي ويو، شاهنواز ڏاهاڻي مٿان تنقيد ڪئي وئي، ان حوالي سان حبيب جمالي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته شاهنواز ڏاهاڻي چوي ٿو ته مان نسلي طور بلوچ آهيان، ان ۾ غلط ڳالهه ڪهڙي ڪيائين؟ اوهان پاڻ ٻين کي بلوچ چئو ٿا، زرداري کي جت چئو ٿا، سيدن کي به سنڌي نٿا مڃو، ڇاڪاڻ ته اهي نسلي طور سنڌي ناهن، باقي ڪير چوي ته آئون بلوچ آهيان ته ان تي ڪاوڙ جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟ ها ڪير چوي ته سنڌ منهنجو وطن ناهي، اجرڪ سان منهنجو تعلق ناهي، ٽوپي منهنجي ناهي، سنڌو ۾ منهنجو ساهه ناهي، سنڌ جي وحدانيت جو انڪاري آهيان ته پوءِ ان کي رد ڪجي، ان تي تنقيد ڪجي، ان کي مهاجر چئجي باقي اجايو هوا ۾ تير نه هلايو. جنهن تي وحيد راڄپر لکيو ته هن غلط ڪيو آهي،  اهو ٻروچ ۽ سماٽ وارو تضاد صدين کان سنڌ ۾ موجود آهي پر قومي طور تي اسان سنڌي آهيون، جڏھن ھن سان ناانصافي ٿي ته سڄي سنڌ ان سان گڏ هئي پر سنڌي عزت ڏيڻ به ڄاڻين ۽ انهن کي منهن ڏيڻ به ڄاڻين،سهيل ميمڻ لکيو ته ايئن ته نه چيو اٿئين. غور سان ٻڌو . چئي ٿو ڏاهاڻي بلوچ آهيان سنڌي ناهيان …علي ممتاز شر لکيو ته مان پاڻ بلوچ آهيان پر ڏاهاڻي جي اهڙي جملي تي مون کان ماڻهو پڇندا آهن چوندو آهيان ته نسلي بلوچ آهيان پر سنڌ اسان کي پنهجي جهولي ڏني ته ان ڪري نمڪ حلالي ڪندي سنڌي آهيون، وقار انور انڍڙ لکيو ته هڪ دفعو ٻيهر ٻڌي وٺو چئي پيو سنڌي ناهيان،

سليم الله خان بلوچ لکيو ته سئو ڳالهه جي هڪ ڳالهه جيڪو سنڌ ۾ رهي ٿو سنڌ جو کائي ٿو اُھو سنڌي آهي، جيڪو بلوچستان ۾ رهي ٿو اُھو بلوچ آهي ان ڪري جيڪي اُن اڄ لفظ چيا آهن اُن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي، اختر ٻرڙو لکيو ته ڏاهاڻي کي ضرورت ڪهڙي جو چئي ٿو ته مان بلوچ آهيان رهن سنڌ ۾ شهرت ملي سنڌ مان سوشل ميڊيا تي ٽرينڊ هليو ڏاهاڻي لاءِ هي وري بلوچ ٿو سڏائي افسوس آهي ان تي، عبدالحميد لکيو ته ڀلا سنڌي سڏائڻ ۾ ڪهڙو هرج پيو پوي هن کي، منصور سرمد لکيو ته چوڏنهن فصل سنڌ ۾ ٿي ويا آھن اڃان نسلن سنڌي نه ٿي سگھياسين ته پوءِ ڇا ٿو چئي سگھجي،

عامر سپرو لکيو ته ڏاهاڻي جي بيان تي افسوس ٿيو، ثناءُالله عمراڻي لکيو ته بلوچ سنڌي ڇو نه ٿا سڏائين ؟ نور احمد ڪلهوڙو لکيو ته ان چوڻ جي ڪهڙي ضرورت اٿس ته سنڌي ناهيون، شرافت سنڌي لکيو ته هن کي سنڌين ماڻهن عزت ڏني ۽ چوي ٿو سنڌي ناهيان اهي سنڌي ماڻهو هن کان اها عزت کسي به سگهن ٿا، ڏاھاڻي چيو مان بلوچ آهيان پوءِ ان ۾ ڪهڙو حرج آهي بلوچ سنڌي ڀائر آهن اسان جي مادري ٻولي بلوچي آهي سنڌ ۾ رهون ٿا سنڌي آهيون،

مير سڪندر بليدي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته اسان کي شاهنواز ڏاهاڻي جي ان بيان ته مان بلوچ آهيان سنڌي ناهيان اڄ مون سميت سڄي سنڌ ۽ بلوچ ڀائرن کي ڪافي تڪليف محسوس ٿي هوندي ڇو جو بلوچ ۽ سنڌي ڪي الڳ نه آهن جيڪڏهن سنڌ جسم آهي ته بلوچ ان جو روح آهن، اسان کي ٻنهي قومن جي ريتن رسمن جو احترام هجڻ گهرجي، اسان جي ذات بڙدي بليدي اصل ۾ بلوڄستان جي علائقي بليدان جا رهاڪو آهيون ۽ ڏاهاڻي اسان بڙدين جو پاڙو آهي صرف ڏاهاڻي نه پر اسان جي ذات بڙدي بليدي ۾ بيشمار پاڙا اچي وڃن ٿا اسان جا وڏڙا بلوچستان کان هجرت ڪري اچي جيڪب آباد ۽ سنڌ جي  مختلف شهرن توڙي ڳوٺن ۾آباد ٿيا سنڌين انهن کي عزت ڏني، پنهنجي زمين ڏني، اڄ سنڌ اسان جي رڳ رڳ ۾ شامل آهي، اڪبر سهتو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته صدين کان هتي جا رهائشي ، تڏھن به هي ھتي سنڌي نه ٿي سگهيو.؟ ولي ناريجو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته هزارين سال سنڌ ۾ رهڻ کان پوءِ به هي سنڌي نه ٿي سگهيا آهن، اسان کي به تنهنجي سنڌي ٿيڻ جي ضرورت نه آهي، حبدار بڙدي، مير جان، راشد علي شر بلوچ، وفا شاهد، اختر جت،غلام مرتضيٰ جتوئي، مير مرتضيٰ، حبيب کوسو، شير خان سيلرو، مشتاق بلوچ، محمد حنيف عمر ۽ ٻين به ڏاهاڻي بابت پوسٽون شيئر ڪيون.