اسٽار لنڪ جي سيٽلائيٽ جو نظارو ڏسي سوشل ميڊيا تي دلچسپ تبصرا … وڏيرن لاءِ آسمان تان امداد يا اهو ڏٺو ويو ته ڪٿي ڪٽ هڻجي؟

0
270

   آسمان تي تارن جي قطار نظر اچڻ بعد سوشل ميڊيا تي ان بابت پوسٽون شيئر ڪري مختلف تبصرا ڪيا ويا، ڪجهه ماڻهو پڇندا رهيا ته اهو ڇا هو؟ ڪجهه ماڻهو ٻڌائيندا رهيا ته اهو ڇا هو؟ اسٽار لنڪ سيٽلائيٽ تي دلچسپ تبصرا به ڪيا ويا، ان حوالي سان محمد اسلم پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته جيڪڏهن ڪنھن کي ياد ھجي ته جڏھن روس يوڪرين تي حملو ڪيو ھو ته انھن جي انٽرنيٽ جي صلاحيت ختم ٿي وئي ھئي پوءِ يوڪرين وارن اسپيس ايڪس جي ايلون مسڪ کي رڪيسٽ ڪئي ئي ته ھو پنھنجا اسٽار لنڪ جا سيٽلائيٽ اسان جي ملڪ جي مٿان آڻي جيئن اسين انٽرنيٽ جو استعمال ڪري سگھون ۽ دنيا سان جڙي سگھون پوءِ ائين ئي ٿيو ۽ ڪجھه ئي ڏينھن ۾ اسٽار لنڪ جا سيٽلائيٽ يوڪرين جي مٿان اچي بيٺا ۽ انھن جي انٽرنيٽ جي بحالي ٿي،ته هي جيڪا پاڻ تارن جي قطار ڏٺي اھي اسٽار لنڪ جا سيٽلائيٽ ھئا جيڪي مستقبل ۾ پوري دنيا کي سستي تيز انٽرنيٽ فراھم ڪندا ته ھي پراجيڪٽ ڪجھه سالن ۾ مڪمل ٿي ويندو ان جا فائدا اسين جلد ڏسنداسين ان وقت تائين انتظار ڪيو.مقبول سنديلو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته خلائي مخلوق به ٻوڏ متاثر وڏيرن لاءِ آسمان تان امداد موڪلي ڇڏي، الفت پتافي وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته آسمان تي تارن جي قافلي جو ڏکڻ کان اتر طرف ويندڙ واري منظر کي هن وڊيو ۾  سنڌ جي هڪ بهترين شاعر، ڀلوڙ انسان جهانگير ڏاهري فلمائي موڪليو آهي.

اوهان دنيا جي امير ترين انسان ايلان مسڪ جو نالو ته ٻڌو هوندو. هي پنهنجي حق حلال جي ڪمائي وارا پئسا آسمان ۾ ڦوڪيندو ٿو وتي. ڪڏهن ٿو مريخ تي شهر اڏي، ڪڏهن ٿو خلاءَ ۾ هوٽل کولي، ڪڏهن ٿو چنڊ لاءِ ريل گاڏي هلائي. هي تازي ڪاوش هزارين مصنوعي سيارن جو زمين جي چوڌاري ڇڏڻ آهي جنهن مان پوري دنيا کي، ڌرتي جي هر ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مفت ۾ 5G انٽرنيٽ ملندي. هي منصوبو اڃا مڪمل ناهي ٿيو، ٿي سگهي ٿو ته 2 سالن ۾ هر ماڻهو کي فري ۾ نيٽ ملي وڃي.نظام الدين ايس اولويا لکيو ته هي مرشد هئا گڏجي ٻوڏ متاثرن جي سروي لاءِ نڪتا هئا، ايڊووڪيٽ رميش ڪمار لکيو ته اها ته سٺي ڳالھه آھي مفت واري، جهانگير ڏاهري لکيو ته اميد ڪجي ٿي ته دوستن جي ذهنن ۾ اٿيل سوالن جا جواب ملي ويا هوندا. علي شبير لکيو ته فري ۾ ته ڪجهه به ڪونهي ٽيسلا پنهنجا سيٽلائيٽ ڪمپيبلٽي وارا فون ڪڍي پيو جنهن تي اها سروس هلندي جڏهن ته ايپل به شايد پنهنجي فون ۾ سيٽلائيٽ سم جي سهوليت ڏيڻ وارو آهي، عيسيٰ جوکيو لکيو ته فري ۾ نيٽ نه ملندو باقي دنيا جي ڪنڊ ڪرڇ ‌ ۾ سگنل هوندا، عبدالخالق لکيو ته سر هي جيڪو سيٽلائيٽ جو مجمعو هو ۔ ان کي لوئر ارٿ آربٽ به چئبو آهي ڇا؟ دلدار بلوچ لکيو ته اسان وري سمجهيو ته حڪمران لائيٽ هڻي ڏسن پيا ته ڪٿان ڪو پاسو بچيو آهي ته اتي ڪٽ هڻجي. نويد چانڊيو لکيو ته مان پنھنجي ڳوٺ ۾ مٿو ھڻي ھڻي بيٺو آھيان ته ابا اھي سيٽلائيٽس ھئا، مـڃن ئي نٿا، پرشوتم لکيو ته مون کي ائين لڳو ته پاڻ وارا سياستدان ورڪ تي نڪتا آھن

پنھنجي عوام کي جھازن مان راشن ٿا اڇلائين، ڊاڪٽر يوسف سومرو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته اڄ رات آسمان ۾ نظر ايندڙ تارن جي قطار اھا ڪا تارن جي قطار نه پر ھٿراڌو اُپگرھن جو ھڪ ميڙ ھو جنھن کي خلا ۾ موڪليو پيو ويو. ھن سموري پروگرام يا منصوبي جو نالو اسٽارلنڪ (Starlink) آھي. اسٽار لنڪ ڇا آھي؟ اھو ھڪ تمام وڏي ھٿراڌو اُپگرھن جو نظام آھي جنھن جو مقصد ڌرتيءِ جي ڏورانھن وارن ھنڌن کي تيز رفتار انٽرنيٽ سروس مھيا ڪرڻ آھي.  ھن نظام کي ايلان مسڪ جي ڪمپني اسپيس ايڪس (SpaceX) 2015ع ۾ تيار ۽ تعمير ڪيو آھي. ھٿراڌو اُپگرھن کي ميڙن جي شڪل ۾ مدار ۾ موڪليو ويندو آھي. اڄ تائين 13 ميڙ موڪليا ويا آھن ۽ ھاڻي ڪيترائي شمسي توانائي سان ھلندڙ ھٿراڌو اُپگرھه ڌرتي جي چوڌاري چڪر لڳائي رھيا آھن. اسپيس ايڪس جو منصوبو آھي ته 12000 ھٿراڌو اُپگرھن کي خلا ۾ موڪليو وڃي جن جو تعداد اڳتي ھلي ڪري 42000 تائين وڌايو ويندو.  17 جون 2022ع تي اسپيس ايڪس 53 ھٿراڌو اُپگرھن جي 48 سيريز کي فالڪن 9 راڪيٽ جي مدد سان خلا ۾ موڪليو. ھاڻي اسٽارلنڪ ھٿراڌو اُپگرھن جي ڪُل تعداد 2706 تائين پھچي چڪي آھي. مظفر گلال به اهڙي پوسٽ شيئر ڪئي،

عامر سنڌي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته هي آهي  ايلان مسڪ  کربين ڊالر جو مالڪ.. هن سڄي دنيا کي انٽرنيٽ ۽ فون  جي سهوليت ڏيڻ جو هڪ پروگرام شروع ڪيو آهي  جنهن جو نالو آهي اسپيس اسٽار لنڪ ٽيڪنالاجي، هي هٿرادو سيٽلائيٽ آهن. آمريڪا وارن پوري دنيا کي انٽرنيٽ جي سهولت لاءِ هي ٽيڪنالاجي موڪلي آهي  . اڳتي هلي هي ٽيڪنالاجي انٽرنيٽ کي تمام تيز ڪندي. ان سان گڏ سڀئي موبائل فون نيٽ ورڪ خريد ڪندي ۽ موبائل ٽاور ختم ڪندي. بغير ڪنهن ٽاور جي هر هنڌ هر جڳھه تي موبائل فون ۽ انٽرنيٽ سروس هلندي رهندي. هي سٺي ٽيڪنالاجي آهي. اڳتي هي نظارو سدائين نظر ايندو رهندو.. ان ڪري پريشان ٿيڻ جي ڪا ڳالھه ناهي. علي عباس جمالي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته هينئر آسمان ۾ سِتارن جي ڊِگهي قطار هلندي ڪنهن ڪنهن ڏِٺي. عجيب منظر هو حيرت انگيز هو، ايم يونس لکيو ته سانگهڙ ۾ اهو منظر ڏٺوسين، ثناءُالله عباسي لکيو ته ڪراچي ۾ به اهو منظر ڏٺو ويو، مولابخش شيدي لکيو ته رڳو رات نه پر ان کان پهريان واري رات به ڊبل اهڙي قطار هئي جيڪا شايد اوهان نه ڏٺي. رفيق ملاح پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته آسمان مان چمڪندڙ تارا الائي سيٽلائيٽ قطار ۾ ڪنهن ڪنهن پسيا اهيو هو ڇا؟ ڪٿي ڪڪر ٺاهڻ واري مشين ته نه هئي؟ جنهن تي عمران علي ملاح لکيو ته  سنڌ حڪومت دادو جو بند ٽوڙائڻ لاءِ مشينون موڪليون آھن، محمد موسيٰ عرف ڀٽو لکيو ته جي بلڪل ٿرپارڪر جي ڏکڻ اسان جي ڳوٺ ۾ به نظر آيا، شوڪت علي کوکر لکيو ته دادو ۾ پڻ ڏٺا ويا.