سکر: نجي اسڪولز ايسوسئيشن طرفان اسڪول کولڻ جو مطالبو

0
277

سکر(بيورو رپورٽ) نجي اسڪول مالڪن جي ايسوسئيشن طرفان وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کان اسڪول کولڻ جو مطالبو، نجي اسڪولن لاءِ رليف پيڪج ۽ شاگردن لاءِ 25 سيڪڙو اسڪالر جو به مطالبو ڪيو ويو، عمل نه ٿيڻ تي مستقبل بنيادن تي نجي اسڪول بند ڪري مطالبن جي مڃتا تائين ڌرڻا ھڻڻ جو چتاءُ ڏنو ويو. اِن ڏس ۾ آل پاڪستان پرائيويٽ اسڪولز نيشنل ايڪشن ڪاميٽي جي چيئرمين بشير احمد چنا، سينيئر نائب صدر محمد اقبال خان ۽ جنرل سيڪريٽري روبينا ڪياني اڳواڻن اسڪولن جي ڊگھي بندش خلاف پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو آھي ته فوري طور تي تعليمي ادارا کولي، امتحانن جو شيڊول ۽ نجي تعليمي ادارن لاءِ رليف پيڪيج جو اعلان ڪيو وڃي. ھنن چيو ته گرمي ۾ نجي اسڪولن ۾ تعليم حاصل ڪندڙ گھٽ ۾ گھٽ 25 سيڪڙو ٻاررن کي حڪومت طرفان اسڪالر شپ ڏني وڃي ۽ نجي ادارن جي تحفظ لاءِ قانونسازي ڪئي وڃي، گذريل ڏيڍ سالن کان ڪورونا جي نالي تي خوفناڪ راند کيڏي پئي وڃي جنھن سان تعليم تباھ ٿي رھي آھي، ملڪ جي ڪروڙين ٻارن کي انھن جي آئيني حق تعليم کان محروم رکيو پيو وڃي. ھنن تعليم واري وفاقي ۽ صوبائي وزيرن کان سوال پڇندي چيو ته گذريل سال بنا پڙھڻ ۽ امتحان ڏيڻ جي اڳين درجي تي پھتا، جيڪي ٻار ھن سال بغير پڙھڻ جي امتحان ڏيندا ۽ صرف فارملٽي پورا ڪندي کين رعايتي نمبر ڏئي پاس ڪيو ويندو مستقبل ۾ اِن جو ڪھڙو اثر پوندو، صرف تعليمي ادارا بند ڪرڻ بجاءِ مڪمل لاڪ ڊائون ھجي گھرجي ھا، حڪومت وبا کي ختم ڪرڻ لاءِ سنجيدا ڪوششون وٺي ھا، پر ائين ناھي، ھي وبا شايد اسان جي حڪمرانن لاءِ سوني جا آنا ڏيندڙ مرغي بڻجي وئي آھي جنھن کي ھي ختم ڪرڻ نٿا چاھين.