سکر جي رھواسڻ مڙس جي ظلم ۽ تشدد خلاف پريس ڪلب پھچي وئي

0
253

سکر (ن پ ا) سکر جي رھواسڻ مڙس جي ظلم ۽ تشدد خلاف پريس ڪلب پھچي وئي، مسمات نازش جو چوڻ آهي ته مڙس تشدد ڪندو آھي گذريل رات به تشدد ڪري گھران ڪڍي ڇڏيو، سکر سول اسپتال ويجھو رھندڙ ناري نازش اعواڻ پٺاڻ پنھنجي مڙس اختر ميراڻي خلاف احتجاج ڪندي الزام مڙھيو آھي ته مڙس اختر، سس شهزادي ۽ سئوٽ شاهزيب گذريل رات مون تي حملو ڪري سخت تشدد ڪرڻ بعد اڌ رات جو گهران ڪڍي ڇڏيو، رات جي روڊ تي ڌڪا کائي صبح جو تحفظ لاءِ پريس ڪلب پهتي آهيان، ھن چيو ته 2 سال اڳ والد 50 ھزار روپين عيوض اختر ميراڻي سان شادي ڪرائي ھئي، جيڪو تشدد دوران خريد ڪرڻ جا مھڻا ۽ تعنا ڏيندو رھندو آھي، اِن ڪري والد به گھر ۾ رکڻ لاءِ تيار ناھي، مڙس کي ڪافي ڀيرا چيو ته تشدد بجاءِ کيس طلاق ڏئي ڇڏي. ھن ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي سکر کان نوٽيس وٺي انصاف ڏيارڻ جو مطالبو ڪيو آھي.