سپريم ڪورٽ سيڪڊ ايمپلائيز ايڪٽ ڪالعدم قرار ڏيڻ خلاف نظرثاني درخواستون ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيون

0
155
نيب ترميمن خلاف پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواست تي فيصلو محفوظ
نيب ترميمن خلاف پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواست تي فيصلو محفوظ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ سيڪڊ ايمپلائيز ايڪٽ ڪالعدم قرار ڏيڻ خلاف نظرثاني درخواستون ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيون.

جسٽس عمر عطا بنديال، جسٽس قاضي امين ۽ جسٽس امين الدين خان تي ٻڌل بئنچ 14 آڪٽوبر تي ٻڌڻي ڪندي، سپريم ڪورٽ 17 آگسٽ تي سيڪڊ ايمپلائيز ايڪٽ 2010ع کي ڪالعدم قرار ڏنو هو، وفاقي سرڪار ۽ ٻين ڌُرين طرفان فيصلي تي نظرثاني لاءِ اپيلون داخل ڪيون ويون هيون.