سيوھڻ (ن پ ا) سيوهڻ باء پاس وٽ پرارا محلي ۾ جوابدار ساجد عرف ساجو کوسو ۽ هڪ نامعلوم جوابدار 16 ورهين جي نينگر خدا بخش پٽ ميوو خان پنهور سان مبينا بدفعلي جي ڪوشش ڪئي، سيوهڻ پوليس اھڙي اطلاع تي بروقت ڪارروائي ڪندي نينگر جي پي جي فرياد تي جوابدار ساجد عرف ساجو کوسي کي گرفتار ڪري مٿس ڏاڍائي جو ڪيس داخل ڪري ورتو آهي، جڏهن ته ھڪ نامعلوم جوابدار فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. نينگر جي والد ٻڌايو ته منهنجو پٽ ٽائرن پنچرن جي دڪان تي ڪم ڪندو آھي، جوابدار دڪان تان زبردستي رڪشي ۾ کڻي زبردستي جي ڪوشش ڪئي نينگر جي رڙين تي جوابدار ڀڄي ويا.