مورو (ن پ ا) مورو ڀرسان سڌوجا ٿاڻي جي حد ڳوٺ علي خان کوسو ۾ زمين جي پراڻي تڪرار تان کوسا برادري جي مامن ۽ ڀاڻيجن ۾ جهيڙو ٿي پيو، جھيڙي دوران گوليون ۽ لٺيون لڳڻ سبب ٻنھي ڌرين جا هڪ عورت سميت 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن ۾ مسمات شميلا کوسو، آصف، دلشير کوسو ۽ دودو کوسو شامل آھن، ٻي ڌر جا رحمت الله ۽ عظيم کوسو شامل آھن، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ھوڏانھن ڳوٺ جي معززين سميت ڀرپاسي جا ڳوٺاڻا قرآن پاڪ کڻي پھتا ۽ وڌيڪ جھيڙو نه ڪرڻ لاءِ ڌرين کي منٿون ڪيون، جنھن بعد فائرنگ جو سلسلو بند ڪيو ويو.