سيالڪوٽ واقعي ۾ ملوث 50 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو: پنجاب حڪومت

0
202
سيالڪوٽ واقعي ۾ ملوث 50 ڄڻن
سيالڪوٽ واقعي ۾ ملوث 50 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو: پنجاب حڪومت

لاهور: پنجاب حڪومت جي ترجمان حسن خاور چيو آهي ته سيالڪوٽ واقعي ۾ ملوث 50 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. وزيراعظم جي خاص نمائندي طاهر اشرفي، حسن خاور ۽ انسپيڪٽر جنرل (آءِ جي) پنجاب پوليس گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي

ترجمان جو چوڻ هو ته سريلنڪن فيڪٽري مئنيجر سان واقعو افسوسناڪ هو، سي سي ٽي وي جي مدد سان جوابدارن جي سڃاڻپ ڪئي پئي وڃي.هن چيو ته 50 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، 48 ڪلاڪن ۾ جاچ مڪمل ڪئي ويندي

جيڪڏهن پوليس جي غفلت ثابت ٿي ته ملوث جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. حسن خاور چيو ته 15 تي ڪال ۽ پوليس جي جواب ۾ 20 منٽن جو فرق هوندو آهي، اسان کي ڏسڻو آهي ته ان وقت پوليس پارٽي ڪٿي هئي، ڪنهن کي به رعايت نه ڏينداسين

وزيراعظم عمران خان جي بين المذاهب هم آهنگي بابت خاص نمائندي طاهر اشرفي چيو آهي ته ظلم، ڏاڍ ۽ بربريت آهي، ڏوهارين کي سزا ملندي، اهڙن ماڻهن اسلام جي تعليمات کي مسخ ڪيو، ان واقعي تي مسلمان شرمسار آهن.