سنڌ ۾ 8 آگسٽ تائين تعليمي ادارا بند، امتحان به ملتوي

0
324
مراد علي شاھ ميٽنگ
سنڌ ۾ 8 آگسٽ تائين تعليمي ادارا بند، امتحان به ملتوي

ڪراچي: سنڌ سرڪار لاڪ ڊائون سبب سمورا تعليمي ادارا پڻ 8 آگسٽ تائين بند ڪرڻ جو اعلان ڪندي هلندڙ سمورا امتحان ملتوي ڪري ڇڏيا، وڏي وزير پريس ڪانفرنس دوران ٻڌايو ته نه رڳو سرڪاري اسڪول پر خانگي اسڪول پڻ بند رهندا، هن چيو ته يارهين ۽ ٻارهين ڪلاس جا جيڪي امتحان هلندڙ آهن اهي پڻ اڄ کان 8 آگسٽ تائين ملتوي ڪيا ويا آهن انهن امتحانن جو 8 آگسٽ بعد شيڊول جاري ڪيو ويندو، وڏي وزير چيو ته يونيورسٽين جا امتحان ۽ ڪلاس پڻ بند رهندا.