سنڌ ۾ لڳ ڀڳ 62 لک ۽ سڄي ملڪ ۾ 2 ڪروڙ ٻارڙا اسڪولن کان ٻاهر

0
250
لاڙڪاڻو: ڊيوٽي نه

ڪراچي: سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ تعليم جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي، لازمي ۽ مفت تعليم وارو خواب جو سڀايان ٿيڻ چيلينج بڻيل آھي، سنڌ ۾ لڳ ڀڳ 62 لک ۽ سڄي ملڪ ۾ 2 ڪروڙ ٻارڙا اسڪولن کان ٻاهر آھن، سنڌ ۾ 10 هزار کان وڌيڪ اسڪول بند پيل، 9 هزار کان وڌيڪ رڳو پرائمري اسڪولن کي تالا لڳل هُجڻ جو انڪشاف ٿيو آھي.

 ميرو خان ڀرسان بااثر ٻن اسڪولن تي قبضو ڪري ورتو، معصوم ٻارڙا گهٽي ۾ تعليم پرائڻ تي مجبور آھن، گاجي کهاوڙ جي پرائمري اسڪول ۾ گڏهه گهمڻ واري وڊيو وائرل، تعليم کاتو خاموش بڻيل آھي.