سنڌ ۾ برطرف ويڪسينيٽرز طرفان ڪراچي پريس ڪلب کان سي ايم هائوس ڏانهن مارچ جي ڪوشش، چڪريون

0
369
سنڌ ۾ برطرف ويڪسينيٽرز

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ برطرف ويڪسينيٽرز طرفان ڪراچي پريس ڪلب کان سي ايم هائوس ڏانهن مارچ جي ڪوشش، پوليس ۽ مظاهرين ۾ چڪريون ٿيون، هڪ ملازم پيٽرول کڻي پهتو، ملازم پاران سي ايم هائوس آڏو پاڻ ساڙڻ جو چتاءُ ڏنو ويو.

ان موقعي تي مظاهرين جو چوڻ ھو تھ سنڌ مان 300 کان وڌيڪ ويڪسينيٽرز کي عدالتي حڪم جو جواز ڄاڻائي برطرف ڪري ظلم ڪيو ويو آھي، اسان جا مطالبا جائز آھن، اسان کي بحال ڪيو وڃي، اسان کي حق گھرڻ تي لٺيون ھنيون پيون وڃن.