سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ غيرقانوني پرڏيهين خلاف ڪريڪ ڊائون شروع

0
218

سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ غيرقانوني پرڏيهين خلاف ڪريڪ ڊائون شروع

سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ غيرقانوني پرڏيهين خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويو آهي

افغانين سميت ڪيترائي پرڏيهي گرفتار ڪيا ويا، غير قانوني پرڏيهين کي واپسيءَ لاءِ ڏنل مهلت ختم ٿيڻ بعد ڪريڪ ڊائون جي ڪراچي کان شروعات ڪئي وئي آهي

ڪراچي جي ڊسٽرڪٽ ايسٽ جا پوليس اٽالا سهراب ڳوٺ ال آصف اسڪوائر پهچي ويا، لائوڊ اسپيڪر ذريعي پرڏيهين کي اڄ رات ٻارهين وڳي تائين واپس وڃڻ جون هدايتون ڪيون ويون آهن

صدر واري علائقي مان  4 افغانين کي گرفتار ڪري هولڊنگ ڪيمپ منتقل ڪيو ويو، اسلام آباد ۾ به پوليس ڪيترن ئي پرڏيهين کي حراست ۾ وٺي گولڙا ٿاڻي منتقل ڪري ڇڏيو

بلوچستان جي علائقي چمن مان به ڪيترائي افغاني گرفتار ڪيا ويا آهن، ليويز اختيارين موجب سموري ملڪ مان افغان پناهگير وڏي انگ ۾ چمن پهچي ويا آهن

افغان پناهگير خاندانن جي رجسٽريشن بعد کين ڪيمپ پهچايو پيو وڃي، هيل تائين ڪيمپ ۾ 5 هزار افغان پناهگير پهچي چڪا آهن

خيبر پختونخواهه ۾ به غير قانوني پرڏيهين خلاف ڪارروائيون شروع ڪيون ويون آهن، آءِ جي ڪي پي اختر حيات چيو آهي ته هيل تائين هڪ لک کان وڌيڪ غير قانوني پرڏيهي رضاڪاراڻه طور واپس وڃي چڪا آهن

راولپنڊي مان به هڪ سئو کان وڌيڪ غير قانوني پرڏيهي گرفتار ڪري هولڊنگ ڪيمپ منتقل ڪيا ويا آهن

هي به پڙهندا

پرڏيهين کي واپسي لاءِ ڏنل مهلت ختم، واپس نه ويندڙن خلاف اڄ کان ڪارروائي، سڄي ملڪ ۾ عارضي ڪيمپون قائم