اسلام آباد/ ڪراچي/ حيدرآباد (نمائندا + مانيٽرنگ ڊيسڪ) ملڪ مان افغانين سيمت غير قانوني طور رهندڙ پرڏيهين کي ڏنل مهلت ختم ٿي وئي آهي. جنهن کان پوءِ مهلت ختم ٿيڻ باوجود واپس نه ويندڙن خلاف ڪارروائي جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي، پرڏيهين جي نيڪالي لاءِ انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن. ان ڏس ۾ ڪراچي جي انتظمايا ڪارروائي لاءِ انتظام مڪمل هجڻ جي دعويٰ ڪئي آهي

ڪراچي جي ڪمشنر سليم راجپوت موجب اڄ کان نيڪالي جو عمل شروع ڪيو ويندو، پهرئين مرحلي ۾ هولڊنگ پوائنٽس ۾ منتقلي ڪئي ويندي، پوءِ غير قانوني طور رهندڙن کي چمن بارڊر پهچايو ويندو. هن ٻڌايو ته ضلعي انتظاميا، پوليس ۽ رينجرز گڏجي ڪم ڪندي، جڏهن ته ڊپٽي ڪمشنر نگراني ڪندا، غير قانونين کي ڪڍڻ قومي مقصد آهي، سمورا ادارا قومي جذبي سان گڏجي ڪم ڪندا. ان حوالي سان ڊي آءِ جي اولهه، ڊي آءِ جي ڏکڻ، سڀني ڊپٽي ڪمشنرن، سمورن ايس ايس پيز، پاڪستان رينجرز، نادرا، پاڪستان ريلوي اختيارين کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن

هوڏانهن نگران وفاقي گهرو وزير سرفراز بگٽي چيو آهي ته غير قانوني افغانين سميت پرڏيهين جي واپسي لاءِ ڏنل مهلت ۾ واڌ نه ڪئي ويندي، افغانين سان بدسلوڪي تي لاڳاپيل اختيارين خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. خانگي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي گهرو وزير چيو ته ڪوئيٽا ۾ افغانين کان پئسا وٺڻ تي 2 ايس ايڇ اوز کي معطل ڪيو ويو آهي

افغان شهرين خاص ڪري ٻارن ۽ عورتن سان بدسلوڪي بابت پڇيل سوال تي هن چيو ته اسان جي وزير اعظم جون واضح هدايتون آهن ته جتي به ڪنهن افغان شهري خاص ڪري عورتن ۽ ٻارن سان بدسلوڪي يا حراسان ڪرڻ جي ڪا به شڪايت ملي ته ايس پي ۽ ان ضلعي جا اعليٰ عملدار ذميوار هوندا. هوڏانهن حيدرآباد مان افغان پناهگيرن ۽ ٻين غير ملڪين کي نيڪالي ڏيڻ لاءِ اڄ کان ڪارروائي جو امڪان آهي. حيدرآباد ۾ 5 هزار کان وڌيڪ افغاني پٺاڻن جي موجودگي جي تصديق ڪئي وئي آهي. ضلعي حڪومت افغاني پٺاڻن کي عارضي طور گڏ ڪرڻ لاءِ ٻن هنڌن جي نشاندهي ڪندي گهرو کاتي کي انهن مان ڪنهن به هڪ هنڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ لاءِ سفارش موڪلي ڇڏي آهي

ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد طارق قريشي ڪمشنر حيدرآباد معرفت افغان پناهگيرن کي جن ٻن هنڌن مان ڪنهن به هڪ هنڌ تي عارضي طور گڏ ڪرڻ لاءِ جن هنڌن جي نشاندهي ڪئي آهي انهن ۾ پوليس ٽريننگ ڪاليج لطيف آباد ۽ ليبر اسڪوائر سائيٽ وارا هنڌ شامل آهن. پوليس ٽريننگ ڪاليج ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ ۽ ليبر اسڪوائر واري هنڌ هڪ هزار کان وڌيڪ افغان پناهگيرن کي هڪ ئي وقت ٽڪائي سگهجي ٿو. ذريعن موجب جيتوڻيڪ ڊپٽي ڪمشنر 5 ڏينهن اڳ انهن هنڌن جي نشاندهي ڪري انهن مان ڪنهن به هڪ هنڌ کي نوٽيفاءِ ڪرڻ جي سفارش موڪلي هئي پر اڃا تائين گهرو کاتي پاران ڪنهن به هنڌ کي نوٽيفاءِ نه ڪيو ويو آهي. رابطو ڪرڻ تي ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد طارق قريشي ٻڌايو ته حيدرآباد ۾ 5 هزار کان وڌيڪ افغان پناهگيرن جي رهائش جي تصديق ٿي آهي پر اڃا تائين ڪنهن به افغاني پاڻمرادو ڪئمپ ۾ وڃڻ جي خواهش ظاهر نه ڪئي آهي

هن چيو ته افغان پناهگيرن کي پنهنجي ملڪ ڏانهن موڪلڻ لاءِ سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن ۽ جيئن ئي ڪنهن ڪئمپ جو نوٽيفڪيشن جاري ٿيندو تيئن ئي افغانين خلاف ڪارروائي جو سلسلو شروع ڪيو ويندو. ٻئي طرف ڊي آءِ جي حيدرآباد طارق رزاق ڌاريجو ٻڌايو ته اڄ کان افغان پناهگير ۽ ٻين غيرقانوني طور رهائش پذير غير ملڪين کي واپس سندن ملڪن ڏانهن اماڻڻ لاءِ آپريشن ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته آپريشن ٽن مرحلن ۾ هوندو. پهرين مرحلي ۾ اهي افغان پناهگير جيڪي غيرقانوني طور تي ترسيل آهن تن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. ٻئي مرحلي ۾ اهي غير ملڪي ۽ افغان پناهگير جن ڪوڙا دستاويز ٺهرائي رهائش اختيار ڪئي آهي تن خلاف آپريشن جو سلسلو شروع ڪيو ويندو ۽ ٽين مرحلي ۾ انهن ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي جن افغان پناهگيرن کي پنهنجون ملڪيتون ۽ گهر وڪرو ڪري ڏنا آهن

هن ٻڌايو ته ڪوٽڙي، ڄامشورو، بدين، هالاناڪي سيمت ڊويزن ۾ افغان پناهگيرن جا مختلف ٿاڪ ڳوليا ويا آهن جن تي اڄ کان ڪارروائي ڪئي ويندي. ڊي آءِ جي ٻڌايو ته ريجن ۾ 72 هزار کان وڌيڪ افغان پناهگير ۽ ٻيا غير ملڪي رهائش پذير آهن جن خلاف ڪارروائي لاءِ انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن. ٻئي پاسي نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته غير قانوني طور پاڪستان ۾ رهندڙ پرڏيهي واپس ملڪ هليا وڃن ۽ ويزا وٺي ڀلي واپس اچن

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي نگران وزيراعظم چيو ته رجسٽرڊ افغان پناهگيرن کي واپس نه پيا اماڻيون پر غير قانوني طور رهندڙن کي واپس وڃڻو پوندو. هن چيو ته غير قانوني طور رهندڙن کي پهرين وقت ڏنو، انهن جي ڪاروبار جي طريقن سان کين پريشان نه ڪيو، اسان انهن تي مڪمل طور پابندي نه لڳائي، هي پنهنجي ملڪ وڃن ۽ ويزا وٺي واپس اچي سگهن ٿا.