راڄو خاناڻي ۾ نينگري کي زيادتي بعد قتل ڪندڙ جوابدار مبينا مقابلي ۾ فل فراءِ

0
392

راڄوخاناڻي (رپورٽر) راڄو خاناڻي ۾ نينگري کي زيادتي بعد قتل ڪندڙ جوابدار مبينا مقابلي ۾ فل فراءِ ٿي ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته ڦلڪارا روڊ تي بيهڻ جي اشاري تي موٽرسائيڪل سوارن فائرنگ ڪري ڏني

مقابلي دوران هڪ ڄڻو مارجي ويو جنهن جي سڃاڻپ ڪمليش پٽ ڌرمون ڪولهي طور ٿي آهي، 24ڏينهن اڳ رائچند ڪولهي ۾ 8ورهين جي نينگري کي زيادتي بعد بيدردي سان قتل ڪيو ويو هو

ذريعن موجب پوليس6 شڪي گرفتار ڪيا جن مان ڪمليش ڪولهي نينگري سان زيادتي ۽ قتل جو اعتراف ڪيو هو

پوليس جوابدار جي گرفتاري ظاهر نه ڪئي ۽ کيس مقابلي ۾ مارجي وڃڻ جي دعويٰ ڪئي آهي

هي به پڙهندا

فاطمه قتل ڪيس، پير اسد شاهه 4 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي