دنيا ۾ آمريڪا ۽ اسرائيل خلاف احتجاجن جو وڌندڙ سلسلو

0
29
دنيا ۾ آمريڪا ۽ اسرائيل خلاف احتجاجن جو وڌندڙ سلسلو

وچ اوڀر واري جنگ شروع ناهي ٿي، اها پهرين کان ئي موجود هئي پر هاڻ ان ۾ وقت ۽ حالتن پٽاندر شدت ايندي پئي وڃي. پوري دنيا ۾ فلسطينين جي نسل ڪشي خلاف احتجاج جاري آهي، اتي 26 فيبروري تي آمريڪي ايئرمين ايرون بشنيل جي “آزاد فلسطين زنده باد” واري نعري سان پاڻ ساڙڻ واري عمل پوري دنيا ۾ هڪ نئين هلچل پيدا ڪئي، اتي پيرس بعد قطر ۾ شروع ٿيل امن ڳالهين ۾ حماس جي “رمضان مارچ” جي اعلان پوري دنيا کي لوڏي وڌو آهي. اسرائيل ۽ حماس جا اڳواڻ قطر ۾ 40 ڏينهن جي جنگبندي تي ڳالهيون ڪري رهيا آهن. صدر بائيڊن چيو ته اميد آهي ته 10 مارچ کان شروع ٿيندڙ رمضان شريف ۾ اهو معاهدو ٿي ويندو، جنهن تي حماس سربراهه اسماعيل حانيه پهرين رمضان تي بيت المقدس ۾ “مسجد اقصي” ڏانهن مارچ ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي. اسرائيل، حانيه جي بيان کي “بدقسمتي” قرار ڏنو آهي. ترجمان تال هيريچ چيو آهي ته حماس رمضان ۾ اسان کي اسرائيل جي ٻين محاذن تي گهلي رهيو آهي. اسرائيلي دفاع واري وزير يوو گلينٽ رد عمل ۾ چيو ته ان سان اسان جي فوج اولهه ڪناري، يروشلم، غزه، رفح ۽ ٻين هنڌن تي ورهائڻي پوندي ۽ رمضان ۾ مذهبي آزادي ڏيڻ به اسان جي ذميداري آهي. هاڻ اسان کي به نئين حڪمت عملي جوڙڻي پوندي. حانيه ايران، لبنان، يمن جي حوثين، عراق جي اسلامي مزاحمت، شام جي ويڙهاڪن کي مدد جي اپيل ڪندي عرب ۽ اسلامي ملڪن ۽ فلسطينين کي اپيل ڪئي آهي ته هو پهرئين روزي تي ئي “اقصي مارچ” ۾ شامل ٿي نئين جنگ شروع ڪن. ان عمل سان امن معاهدو به داءَ تي لڳي ويو آهي. غزه جي جنگ جاري آهي، جنهن ۾ 30 هزار ماڻهو شهيد ٿي ويا آهن، شهر جي ناڪابندي جاري آهي. ماڻهو بک وگهي به مرڻ شروع ٿي ويا آهن.

 26فيبروري تي واشنگٽن ڊي سي ۾ آمريڪي ايئر مين 25 سالن جو ايرون بشنيل غزه ۾ اسرائيلي جنگ خلاف سياسي طور تي احتجاج ڪندي واشنگٽن ڊي سي ۾ اسرائيلي سفارتخاني ٻاهران پاڻ کي پيٽرول هاري باهه ڏئي خودڪشي ڪري ڇڏي. پنهنجي موت جي لائيو اسٽريم ڪندي چيو هن ته، “هاڻ هو نسل ڪشي ۾ شامل نه ٿو ٿي سگهي.” بشنيل جي اهڙي عمل جي حمايت ۾ پوري آمريڪا ۾ بائيڊن ۽ نيتن ياهو حڪومتن خلاف لکين ماڻهن جا مظاهرا، احتجاج ۽ بک هڙتالون جاري آهن. اسرائيل جي گاديءَ واري شهر تل ابيب ۾ نيتن ياهو خلاف سوين يهودين جي بک هڙتال جاري آهي. فلسطينين جي نسل ڪشي خلاف آمريڪي سياست تي به گهرا اثر پوڻ شروع ٿي ويا آهن. صدارتي پرائمري اليڪشن ۾ صدر بائيڊن کي سخت مخالفت کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. مشيگن ۾ صدر جو بائيڊن کي عرب آمريڪين ووٽ ڏيڻ کان انڪار ڪيو آهي. ڊسمبر ۾ ائٽلانٽا ۾ اسرائيلي سفارتخاني ٻاهران به احتجاج ڪندڙ هڪ شخص پاڻ کي باهه ڏئي ڇڏي هئي.

آمريڪا بعد برطانيا ۾ به حالتون انتهائي خراب ٿي ويون آهن، جتي پارليامينٽرين پاڻ کي گهرن تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي. پارليامينٽ جي اسپيڪر لنڊسي هوئل “غزه جنگبندي” واري بل تي ٽن اهم پارٽين جي ميمبرن کي پارٽي لائين تي هلڻ جي هدايت ڪندي نئين هلچل پيدا ڪري ڇڏي آهي. قانونساز لي اينڊرسن وزير اعظم رشي سنڪ ۽ لنڊن جي ميئر صادق خان تي اسلامو فوبيا جو الزام مڙهيو ته سندس ميمبر شپ ٽن هفتن لاءِ معطل ڪري سزا ڏني وئي. ان ۽ ٻين اسيمبلي ميمبرن به دانهون ڪيون آهن ته اسان پاڙن، گهرن ۽ گهٽين، ايستائين جو پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ به نه ٿا هلي سگهون، ماڻهو گاريون ڏئي رهيا آهن ۽ سخت ڪاوڙ ۾ آهن، جنهن سبب اسان جي جان به وڃي سگهي ٿي ۽ حڪومت ڪو قدم ئي نه ٿي کڻي. حالتن جي سنگيني سبب حڪومت قانونسازن ۽ ٻين سرڪاري عهديدارن جي سيڪيورٽي لاءِ 31 ملين پائونڊ جي ضمني بجيٽ منظور ڪئي آهي.

عرب ملڪن ۾ به عوامي رد عمل سبب وڏو ٻڙڌڪ متل آهي. مصر، لبنان، اردن سعودي عرب ۽ ٻين ملڪن جي سرحدن جي بندش ڪري لکين فلسطيني بي يارو مددگار سرحدن تي دربدر آهن. فلسطيني حڪومت به ڪجهه نه ڪري سگهڻ سبب ڀڃ ڊاهه جو شڪار آهي، غزه تي حماس جي ڪنٽرول سبب وزير اعظم پنهنجي عهدي تان استعيفا ڏئي ڇڏي آهي. انهن به روس جي مدد سان حماس سان ڳالهيون ڪرڻ شروع ڪيون آهن. اسرائيل جي رفح تي حملي جي تياري صورتحال کي اڃان به خراب ڪري ڇڏيو آهي. فلسطينين جي گروهه بندين جي ڪري عوام سخت مشڪلاتن جو شڪار آهي. يورپي ميڊيا جي ڪنٽرول سبب مقامي ماڻهن جي سوشل ميڊيا سمورن عرب ملڪن لاءِ نوان مسئلا پيدا ڪري ڇڏيا آهن، جنهن سان نئون سياسي بحران به سامهو اچڻ شروع ٿي ويو آهي. اهو هاڻ سوشل ميڊيا جو “خاموش موت” ٽرينڊ هلي رهيو آهي، جنهن ۾ چيل آهي ته اسرائيل سميت آمريڪا ۽ سندس عرب مسلمان دوست ملڪ هڪ اهڙي جنگ جي ڳري قيمت ادا ڪندا، جيڪا پوري دنيا ئي ڳڙڪائي ويندي.

غزه جنگ هاڻ مذهبي جنگ ۾ به تبديل ٿيڻ شروع ٿي وئي آهي. عيسائين جي روحاني چرچ ويٽيڪن ۽ اسرائيل وچ ۾ فلسطينين جي نسل ڪشي جي حوالي سان هڪ نئون جهيڙو به عروج تي پهچي ويو آهي. 13 فيبروري تي ويٽيڪن جي سيڪريٽري آف اسٽيٽ ڪارڊينل پيٽرو پرولين روم ۾ هڪ تقريب مان ٻاهر نڪتو ته ميڊيا جي ور چڙهي ويو، جتي اسرائيل بابت سوال تي هن چيو ته، “اسرائيل کي پنهنجي دفاع جو حق آهي پر ان آپريشن جي جواز لاءِ استعمال ڪيل طاقت ۾ 30 هزار ماڻهن جو قتل يقيني طور تي درست ناهي”. پوپ فرانسيس پنهنجي آچر واري مذهبي نماز جي موقعي تي به اسرائيل کان جنگبندي جو مطالبو ڪندي چيو ته، “ڀائرو ڀينرو ترسو، بيهو، جنگ هميشه شڪست ئي هوندي آهي، هميشه هميشه جي تباهي، وڙهڻ بند ڪريو، ماڻهو مارڻ بند ڪريو. اهو انسانيت لاءِ نقصانڪار آهي”. هولي سي مان اسرائيلي سفارتخاني اطالوي زبان ۾ بيان جاري ڪندي ان بيان کي افسوسناڪ قرار ڏنو، جنهن بعد ويٽيڪن ۽ اسرائيلين وچ ۾ ڇڪتاڻ جاري رهندي پئي اچي. ان جي ڪري ئي پوري دنيا ۾ عيسائي جنگبندي لاءِ روڊن تي نڪري آيا آهن.

اسرائيل ۽ فلسطين سميت عرب ملڪن ۾ يهودي آبادڪارن فلسطينين خلاف انتقامي ڪارروائيون شروع ڪيون آهن، اولهه ڪناري جي شهر “ادي” ۾ مقامي ماڻهن جي يورپي ميڊيا ڏانهن آيل خطن ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته يهودي ۽ صيهوني آبادڪار اسان جي گهرن ۾ گهڙي ڌاڙا هڻي اسان کي گهرن مان بي دخل ڪري رهيا آهن. گڏيل قومن جي خوراڪ واري عالمي اداري رپورٽ ۾ چيو آهي ته اسرائيل فلسطين جي ٻارن کي بک ماري نسل ڪشي وارا جنگي ڏوهه ڪري رهيو آهي، کير پياڪ ٻار مري رهيا آهن، ڳورهاريون عورتون پيٽ ۾ ٻارن سميت بک وگهي مري رهيون آهن.

فلسطينين جي نسل ڪشي 1948ع کان جاري آهي، جنهن جي ٿيوري ۾ ٻڌايو ويو آهي ته، “نسل ڪشي جي مراد هڪ منصوبو آهي، جنهن جو مقصد قومي گروهن جي زندگي جي بنيادي ضرورتن کي تباهه ڪرڻ آهي، جيئن اهي وري اڀري نه سگهن. سياسي ۽ سماجي ادارن، ماڻهن، ثقافت، انهن جي زبان، ان جي قومي احساسن، ان جي مذهب جي جبري طريقي سان ڀڃ ڊاهه شامل آهي. جڏهن گروهه ئي ڪمزور ٿيندا ته پوءِ فردن جي ڪا اهميت ئي نه رهندي. ڊسمبر 2023 ۾ ڏکڻ آفريڪا اسرائيل خلاف انصاف جي عالمي عدالت ۾ اسرائيل خلاف ڪيس داخل ڪرائيندڙ پهريون ملڪ بڻجي ويو. جنهن ۾ چيو ويو ته اسرائيل غزه ۾ ڪلسٽر بم هلائي فلسطينين جي نسل کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. ان ئي ڏينهن آڪلينڊ، ڪيليفورنيا ۾ هڪ آمريڪي وفاقي عدالت ڊفينس فار چلڊرن انٽرنيشنل  فلسطين جي ڪيس ۾ ٽن ڪلاڪن جي دليلن ۾ چيو ويو ته بائيڊن انتظاميا نسل ڪشي ڪنوينشن جي ڀڃڪڙي ڪري رهي آهي. آمريڪا اسرائيل کي هٿيار، فوجي سامان، اربين ڊالر جنگي امداد ڏئي اسرائيل جي دفاعي فوج کي غزه ۾ استعمال ڪري رهيو آهي. ان ڪري فلسطينين جي نسل ڪشي بائيڊن انتظاميا ڪري رهي آهي. نيدر لينڊ ۾ ڏکڻ آفريڪا جي سفير ووسيموزي ميڊونسيلا عدالت ۾ ڪيس پيش ڪندي چيو ته 1948ع ۾ اسرائيل جي نوآباديات ذريعي فلسطين جي جاري “نڪبه” کي تسليم ڪيو ويو. اهڙي ئي طريقي سان اسرائيل جي نسل ڪشي جي ڪارروائين ۽ غلطين کي اسرائيل 75 سالن جي نسل پرستي، 56 سالن جي قبضي ۽ 16 سالن کان غزه کي گهيري رکيو آهي. غزه ۾ اسرائيل ماڻهن کي بک سان ماري رهيو آهي.

وچ اوڀر ۾ اها وسيع جنگ پهرين کان ئي موجود هئي، جيڪا هاڻ ڪنٽرول کان ٻاهر ٿيندي پئي وڃي. اها جنگ لبنان، يمن، ايران، عراق، شام بحر احمر ۽ ٻين سمنڊن تائين ڦهلجي وئي آهي پر ان معاملي تي ورلي ئي ڪو ڳالهائڻ لاءِ تيار آهي. ان حوالي سان هن ڳالهه کي سمجهڻ به ضروري آهي ته بائيڊن انتظاميا گذريل سال مارچ ڌاري قاهره ۾ پنهنجو سفير ئي مقرر نه ڪيو هو. عهدي تي اچڻ بعد صدر بائيڊن پنهنجي پرڏيهي پاليسي جي عملي کي واضح طور چيو هو ته، “وچ اوڀر کي منهنجي ٽيبل کان پري رکو، مون کي ان مئل گهوڙي ۾ ڪا دلچسپي ناهي. دنيا ۾ ٻيا به گهڻا ڪم ڪرڻا آهن”. ان وقت خيال اهو هو ته عرب معاملو ڪنهن حد تائين بند ٿي چڪو آهي. ان منصوبي جو مقصد عرب رياستن ۽ اسرائيل وچ ۾ “انضمام” ڪرڻو هو. اهڙي طرح ايران کي ٻين عرب ملڪن کان ڪٽي ڌار ڪرڻ به شامل هو. هڪ آمريڪي اسڪالر هڪ تقريب ۾ چيو هو ته واشنگٽن جون وچ اوڀر ۾ نقشا تبديل ڪرڻ جون ڪارروائيون شروع ٿي ويون آهن، جيئن قديم معاشرن  ۾ ڪيو ويندو هو. اڃان هو ڪو پلان منظور ڪن ته حماس 7 آڪٽوبر تي حملو ڪري بائيڊن لاءِ وري وچ اوڀر مٿي جو سور بڻائي ڇڏيو. عرب ملڪن کي يورپي پرڏيهي پاليسي جهڙين ترجيحن بجاءِ ملڪي حساب ڪتاب ۽ علائقائي ارادن جي عادت پيل آهي. آمريڪن ريپبلڪن اڳواڻ نڪي هيلي جو چوڻ آهي ته، “ائين ڪڏهن ناهي ٿيو ته اسرائيل کي آمريڪا جي ضرورت هجي، هميشه اهو ئي ٿيو آهي ته آمريڪا کي اسرائيل جي ئي ضرورت هوندي آهي پر ان منطق جي قيمت تمام گهڻي آهي، جيڪا اسان هاڻ ۽ مستقبل ۾ به ڀوڳينداسين”.