انٽرنيٽ، سوشل ميڊيا ۽ آرٽيفيشل انٽيليجنس

0
79
انٽرنيٽ، سوشل ميڊيا ۽ آرٽيفيشل انٽيليجنس

 پاڪستان ۾ صرف ھڪ سرڪاري ٽيليويزن چينل پاڪستان ٽيليويزن (پي ٽي وي) جو دور ۽ زور ھلندو ھو ته پي ٽي وي جي سڌ سماءُ، خبرن ۽ ملڪي توڙي غيرملڪي حالتن تي پيش ٿيندڙ پروگرام توڙي جو متاثر ڪندڙ نه ھوندا ھئا پر سنڌي، اردو ۽ انگريزي ناٽڪن ۽ پروگرامن جو معيار ان سطح جو ھوندو ھو جو انھن کي ڏسڻ جي لاءِ شام ٿيندي ئي روڊ رستا ويرانين جو ڏيک ڏيڻ لڳندا ھئا. انھن ڏينھن ۾ ھڪ مشھور انگريزي سيريز “سڪس ملين ڊالر مين” جي نالي سان رات جو اٺين وڳي به ھلندي ھئي، جيڪا اسان ٻارن ۾ تمام گھڻو مقبول ھوندي ھئي. سڪس ملين ڊالر مين ھڪ آمريڪي سائنسي افسانوي ٽيليويزن سيريز آھي، جنھن ستر واري ڏھاڪي دوران سڄي دنيا جي ڪروڙين ماڻھن ۽ ٻارن کي پنھنجي منفرد ڪھاڻي جي ڪري خوب متاثر ڪيو. ھي ڪھاڻي ناسا جي اڳوڻي خلاباز ڪرنل اسٽيوِ آسٽن جي باري ۾ آھي، جيڪو ھڪ آزمائشي اڏام دوران خطرناڪ حادثي جو شڪار ٿي وڃي ٿو. بعد ۾ ھن تي 6 ملين ڊالر خرچ ڪري ھن کي ھڪ ايجنٽ جي طور تي ھڪ طاقتور مشيني انسان ۾ تبديل ڪيو وڃي ٿو. ھي آھن اھي بنيادي اڳڀرايون، جيڪي اسان کي فلمن ۽ ٽي وي سيزيز ۾ ته نظر آيون ۽ اچن پيون پر ٿورو غور ڪندا ته ھن قسم جون اڳڀرايون اڄ جي دور ۾ اسان کي انٽرنيٽ، سوشل ميڊيا ۽ آرٽيفيشل انٽيليجنس جي حقيقت ۾ نظر اچي رھيون آھن. انسان پنھنجي منفرد صلاحيتن جي ڪري ڪائنات جي رازن جي ڳولا ڦولا ۾ نت نون علمن کي تخليق ڪرڻ ۾، عجيب و غريب ايجادن کي آڻڻ ۾ ۽ ڪائنات جي وسعتن ۽ زمين اندر موجود خزانن جون دريافتون ڪرڻ ۾ جتي ھن پنھنجي لاءِ نيڪ نامي ڪمائي آھي، اتي ھن جي بي انت علمن، بي پناھ ايجادن ۽ بي شمار ڪيل دريافتن دنيا جي لاءِ لاتعداد خطرناڪ رجحانن کي به جنمي ڇڏيو آھي. ڪو شڪ ناھي ته نون علمن، نين ايجادن ۽ دريافتن انسانن کي اڻ ڳڻيان فائدا به ڏنا آھن، جيئن جنھن ڪم تي مھينن جا مھينا لڳندا ھئا، ساڳيا ڪم چند سيڪنڊن جي مار ٿي ويا آھن. مثال خط ۽ ڪتابت ڪرڻ. ميل ملاقاتن جي لاءِ ماڻھو سالن جا سال سڪندا ھئا. ڪنھن دفتر ڏانھن نوڪري جي درخواست يا سي وي موڪلڻ جي لاءِ پوسٽ آفيسن جا چڪر پيا لڳندا ھئا. اھي سال ۽ اھي چڪر صرف ھڪ ٽچ جي مار بڻجي ويا آھن. مثال فيس بوڪ ۽ واٽس ايپ تي وڊيوز ذريعي ملاقاتون ۽ متن ۽ مواد جي ونڊڪاري (ڊاڪيومنٽس شيئرنگ) ڪرڻ. اڳ ۾ ڪھاڻي يا ڪنھن موضوع تي مضمون لکڻ جي لاءِ ڪلاڪن جا ڪلاڪ سوچڻو پوندو ھو. ناٽڪ گھڙڻ ڪنھن عام ماڻھو کان مٿي جو ڪم لڳندو ھو ۽ سنگيت ڪاري يا ڪا فلم ٺاھڻ دل جگر جو ڪم ھوندو ھو پر گوگل جھڙن کوجي ذريعن، فيس بوڪ، انسٽاگرام، واٽس ايپ، ٽڪ ٽاڪ ۽ چيٽ جي پي ٽي جھڙين ايپس ۽ آرٽيفيشل انٽيليجنس جھڙين مشيني زبانن ڪم ئي نرالا ڪري ڇڏيا آھن.

انٽرنيٽ (برقي ڄار)، سوشل ميڊيا (سماجي ابلاغي ذريعا) ۽ آرٽيفيشل انٽيليجنس (ھٿرادو ذھانت) ٽيڪنولاجي جي ميدان ۾ ويھين ۽ ايڪھين صدي جون ٽي اھم اڳڀرايون آھن. ھي اھڙي قسم جون اڳڀرايون آھن، جن کان بغير زندگي گذارڻ جو ھاڻي تصور به نٿو ڪري سگهجي. ھنن اڳڀراين جا جتي انيڪ فائدا ۽ نفعا آھن، اتي ھنن جا بي شمار نقصان به آھن. جيڪڏھن اسان ھي چئون ته ھي موجودھ دور جا ٽي وڏا ڪارناما آھن ته اھا ڳالھ غلط به ناھي. سٺ واري ڏھاڪي دوران رازداري واري ڊيٽا جي ونڊڪاري لاءِ انٽرينٽ کي قائم ڪرڻ جو اصل مقصد ته فوجي ھو پر وقت گذرڻ سان گڏ جڏھن ھن ۾ ترقي آئي ته ھن کي مارڪيٽ جو وکر به بڻايو ويو. سال 2000ع کان وٺي اڄوڪي ڏينھن تائين انٽرنيٽ اسان جي زندگين ۾ جيڪو ڪردار نڀائي رھيو آھي، ڪو سوچي سگھي ٿو ته ھو انٽرنيٽ کانسواءِ آرام سان پنھنجا رابطا برقرار رکي، ڪم اڪلائي ۽ معلومات کي حاصل ڪري سگھي ٿو. انٽرنيٽ اسان جو ھڪٻئي سان رابطن ڪرڻ ۾، ڪم ڪار کي اڪلائڻ ۾، ۽ معلومات تائين رسائي واري جھان ۾ انقلاب برپا ڪري ڇڏيو آھي.

سوشل ميڊيا جيڪا ھاڻي اسان جي روزمرھ جي سرگرمين ۽ ڪار وھنوار جو حصو ۽ ھڙ (پارٽ اينڊ پارسل) ٿي وئي آھي، دل تي ھٿ رکي ٻڌايو ته ڇا توھان سوشل ميڊيا کانسواءِ ساھ کڻي سگھو ٿا؟ سمھڻ کان اڳ ۽ جاڳڻ بعد موبائل کڻي پنھنجي پوسٽس ۽ اسٽيٽس جي باري ۾ ڪمنٽس (رايا)، لائيڪس (پسند)، اَن لائيڪس (ناپسند) کي ڏسئون ٿا. اندازو لڳايو ته جھڙي رفتار سان روزانو جي بيناد تي سوشل ميڊيا جي واھپيدارن جو تعداد وڌي رھيو آھي، سا ڳالھ ضابطي کان ٻاھر آھي. انٽرنيٽ اچڻ سان دنيا جو عالمي ڳوٺ ۾ منتقلي وارو تصور ته موجود ھو پر سوشل ميڊيا ان کي حقيقت ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آھي. سوشل ميڊيا ئي اصل ۾ واھپيدارن کي وڊيوز ونڊڪاري، خيالن ۽ تصورن کي تخليق ڪرڻ ۾ انفرادي طور تي آزاد ۽ لائق بڻائي ڇڏيو آھي. سوشل ميڊيا آنلائين واپار، نوڪري، خدمتون آڇڻ ۽ تعليم ڏيڻ جھڙن ڪمن کي وڏن وڏن ادارن جي قاعدن ۽ قيدن مان آزاد ڪري ننڍن ننڍن ذاتي ڪمرن تائين محدود ڪري ڇڏيو آھي. وڏي ڳالھ ته واپار ڪرڻ يا خيالن جي ونڊڪاري ڪرڻ جي لاءِ ھاڻي ته ھنڌ ۽ جاءِ جي اھميت به ناھي رھي. توھان وٽ بس ھڪ جديد موبائل سيٽ جو ھجڻ ئي ڪافي آھي.

ھٿرادو ذھانت اڃان آھي ته پنھنجي شروع واري دور ۾ پر ويھن ٻاويھن سالن بعد ھٿرادو ذھانت به اسان جي زندگين ۾ ائين ئي گھر ڪري چڪي ھوندي، جيئن اڄڪلھ سوشل ميڊيا آھي. ھٿرادو ذھانت جي ذريعي اسان جي گھر جو دروازو کلڻ کان وٺي گاڏي ۾ سوار ٿيڻ کان اڳ ان کي اسٽارٽ ڪرڻ تائين جا ڪم اسان جي آوازن سڃاڻپ (اسپيچ رِڪوگنيشن) جي تابع ٿي چڪا آھن. ھٿرادو ذھانت تي ڪم ڪندڙ به اھوئي ته چاھين ٿا ته اسان جو ھر ڪم خودڪار نظام ھيٺ ٿيندو رھي. اسان کي ھن سچائي کان انڪار نه ڪرڻ گھرجي ته اسان جي طرز زندگي يعني جيئڻ واري ڍنگ، ڪم ڪرڻ واري صلاحيت ۽ جديد کان جديد ٽيڪنولاجيز سان لھ وچڙ ۾ اچڻ واري انداز ۽ طريقي ڪار کي ئي ھٿرادو ذھانت بدلائي ڇڏيندي ۽ ڪنھن حد تائين بدلائڻ شروع به ڪري ڏنو آھي. جيئن توھان ان کي جيڪو مواد لکت ۾ يا آواز سڃاڻپ ذريعي ڏيو ٿا، لکڻين، تصويرن ۽ وڊيوز جي صورت ۾ ان ساڳي مواد کي اھا توھان جي سامھون آڻي ٿي. ھٿرادو ذھانت جنھن شڪل ۽ چالاڪي سان اڳتي وڌي رھي آھي، اھا ڪيترن ئي پيچيدا پر درجيوار عملن ۽ مرحلن مان به گذري رھي آھي. توڙي جو مشينن کان انسانن جھڙا ڪم وٺڻ واري تصور جو بنياد 1950ع ۾ پيو ھو پر بعد وارن ڏھاڪن ۾ ھن تي ڪافي جاندار ڪم ڪيو ويو. سڀ کان اول مشيني ٻولين کي تيار ڪرڻ جھڙا ڪم ڪيا ويا. انھن مشيني زبانن جي مدد سان مشينن مان ڪم وٺڻ جي لاءِ خودڪار سرشتا تخليق ڪيا ويا. ھن وقت به توھان وٽ جيڪي گھرن اندر شيون جھڙوڪ فرج، ٽيليويزن سيٽ يا ٻيو برقي ساز و سامان آھي، اھو توھان جي آواز سڃاڻپ جي تابع اچي چڪو آھي. نه صرف ايترو پر توھان پنھنجين گاڏين کي اسٽارٽ ڪرڻ کان وٺي پارڪ ڪرڻ تائين ھڪ خودڪار نظام جي ذريعي پنھنجي ضابطي ۾ رکو ٿا. ٽريڪرز توھان جي موجودگي تي نظر رکڻ کان وٺي گم ٿيل شين جو پتو لڳائين ٿا.

ھٿرادو ذھانت ڇا آھي؟ ان جو سادو سودو جواب ھي آھي ته ھٿرادو ذھانت ڪمپيوٽر سائنس جي ھڪ اھڙي عجيب و غريب شاخ آھي، جنھن جو مقصد ھي آھي ته اھڙيون ذھين مشينون تيار ڪجن، جيڪي بلڪل انسانن جھڙي عقل سان يا انساني ذھانت وانگي ڪم ڪن. وقت گذرڻ سان گڏ پنھنجي ڪمن ۾ بھتري آڻڻ ۽ ڪٿي به ڪابه غلطي جي گنجائش نه ڇڏڻ ۾ ھٿرادو ذھانت جتي پيچيدا عملن کي استعمال ۾ آڻي رھي آھي، اتي اھا ڳُوڙھين مشيني زبانن وارن سرشتن کي استعمال به ڪري رھي آھي.

ماھر ھٿرادو ذھانت کي ٻن خاص قسمن ۾ ورھائين ٿا: ھڪ ڪمزور يا محدود قسم ۽ ٻيو مضبوط ۽ وسيع قسم. ڪمزور يا محدود ھٿرادو ذھانت کي ڪجھ خاص ڪمن کي اڪلائڻ جي لاءِ تيار ڪيو ويو آھي، جڏھن ته مضبوط ۽ وسيع ھٿرادو ذھانت کي انسانن وانگي سوچڻ ۽ منطقي طريقن سان ڪم ڪرڻ جي لاءِ تيار ڪيو ويو آھي. اسي واري ڏھاڪي ۾، اين اي ڊي يونيورسٽي ۾ پڙھڻ دوران منھنجي ھڪ دوست ڊاڪٽر صغير احمد شيخ جيڪو مونکان ٻه سال سينيئر ھجڻ سان گڏ اليڪٽريڪل اينڊ ڪمپيوٽر سسٽمز انجنيئرنگ واري شعبي ۾ پڙھي رھيو ھو، ان هڪ سنڌي اخبار ۾ “ڪمپيوٽر ڄار” جي عنوان ھيٺ ھڪ آرٽيڪل لکيو ھو. ڊاڪٽر صغير پنھنجي ان آرٽيڪل ۾ ڪمپيوٽر ڄار جي حوالي سان جن جن ڳالھين جو ذڪر ڪيو ھو، اسان پڙھي اچرج پيا کائون ته ائين ڪيئن ممڪن آھي ته ماڻھو گھرن، دفترن يا زمين جي ڪنھن به ھنڌ تي موجود ھوندي پنھنجي ڪمپيوٽر جي اسڪرين ذريعي اخبارون پڙھي سگھندو! پنھنجا خيال پيش ڪرڻ جي لاءِ ھن کي قلم ۽ ڪتاب جي ضرورت نه پوندي! خط ۽ ڪتابت جي لاءِ ٽپال سرشتو ماضي جو قصو بڻجي ويندو! فونون تار کان بغير ھونديون وغيرہ. مطلب تہ معلومات تائين رسائي، رابطي لاءِ جسماني موجودگي ۽ دفتري ڪم کي اڪلائڻ جي لاءِ اسان کي ڪنھن لئبرري،  گھر/ڏسو صفحو 7 بقايا 01

 ۽ دفتر جي بلڪل به ضرورت نه پوندي. تن ڏينھن ۾ ڊاڪٽر صغير جون اھي ڳالھيون يا ته خواب لڳنديون ھيون يا وري ڪو اڻ ڏٺو جھان، پر اھي سڀ اڄ حقيقتون آھن ۽ اسان سڀ ان دور ۾ ئي رھون ٿا، جنھن دور جي باري ۾ ڪمپيوٽر ڄار واري آرٽيڪل ۾ پڙھيو ھئوسين. ھٿرادو ذھانت جي لاءِ جيڪي شيون ھن وقت تصور لڳن ٿيون، ويھن ٻاويھن سالن بعد اھي سڀ ھڪ وڏي حقيقت ھونديون. بس ھڪ ڳالھ ضرور ياد رکجو ته انٽرينٽ ماضي جو قصو آھي، سوشل ميڊيا اسان جو حال ۽ آرٽيفيشل انٽيليجنس اسان جو مستقبل آھي. توھان کي ڪيئن لڳندو جڏھن توھان ھوائي اڏي، سئنيما ھال ۾ ٽڪيٽن واري ڪائونٽر تي ھوندا ته ھٿرادو ذھانت وسيلي تيار ٿيل روبوٽ توھان سان ڳالھ ۾ ھوندا، رستي کي غلط طريقي سان پار ڪري رھيا ھوندا ته اوچتو ھڪ ٽريفڪ روبوٽ توھان جي سامھون اچي توھان جو چالان ڪندو ۽ توھان جڏھن ڊائننگ ٽيبل تي ھوندا ته اھي روبوٽ ھوندا، جيڪي توھان جي آڏو طرحين طرحين جا کاڌا رکي رھيا ھوندا.