حيدرآباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان ٽريڊ يونين ڊفينس ڪئمپين طرفان مهانگائي خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. احتجاج ۾ عورتون به شامل هيون. مظاهرين هٿن ۾ بينرز ۽ پلي ڪارڊز کڻي مهانگائي خلاف نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان ٽريڊ يونين ڊفينس ڪئمپين جي اڳواڻن چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي عروج تي پهچي وئي آهي. اٽو 150 رپيا ڪلو کان به وڌيڪ اگهه تي وڪامي رهيو آهي. کائڻ پيئڻ جي ٻين شين جا اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن. پيٽرول جون قيمتون وڌڻ جي ڪري هر شيءَ جي اگهن ۾ اضافو ٿي ويو آهي پر حڪمران مهانگائي تي ضابطي لاءِ ڪو به قدم نه کڻي رهيا آهن. مهانگائي جي ڪري غريب ماڻهن جو جيئڻ جنجال بڻجي ويو آهي. هنن مطالبو ڪيوته مهانگائي تي ضابطي لاءِ قدم کنيا وڃن. اٽي جي بحران کي ختم ڪري ان جي اگهن کي هيٺ لاٿو وڃي ته جيئن ماڻهن کان کسجي ويل وات جو گرهه واپس ٿي سگهي.