شھدادڪوٽ ( ڊ ر )  سنڌ سيڪيولر اسٽيڊي فورم جو اجلاس ليبر ھال شھداڪوٽ ۾ ٿيو. اتفاق راءِ سان سال 2023ع لاءِ عھديدار چونڊيا ويا،  صدر ڪامريڊ داد سنڌي بلوچ، نائب صدر رستم جمالي، جنرل سيڪريٽري، شفقت سومرو، جوائنٽ سيڪريٽري، سڪندر سيلرو، پريس سيڪريٽري، عبدالمالڪ پنڌراڻي، خزانچي، حمل خشڪ چونڊيا ويا، اجلاس ۾ اڳوڻي صدر ڪامريڊ عرس سيلرو، ديدار سومرو، انيل ڪمار، ڪامريڊ وھاب پنڌراڻي، استاد فضل حيدري، ڪامريڊ غلام الله سيلرو، امداد لوھر، صديق ابڙو ٻين شرڪت ڪئي.