جوڪ در جوق … محبوب يا حڪومت حاصل ڪرڻ لاءِ عمر ناهي ڏٺي ويندي

0
97
جوڪ در جوق ... محبوب يا حڪومت حاصل ڪرڻ لاءِ عمر ناهي ڏٺي ويندي

 اليڪشن جو اعلان ڇا ٿيو، سڀئي سياسي ڌريون پنهنجن آشيانن منجهان نڪري نروار ٿيون آهن. ڏي سوال، وٺ جواب جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. بلاول ۽ نواز شريف آمهون سامهون آهن. هڪڙو چوي پيو ته مرڪز ۾ اقتدار پي پي جو حق آهي ته ٻيو دعوا ڪري ٿو ته مرڪزي حڪومت جي ڪرسي لاءِ نواز ليگ حقدار آهي! بلاول چوي ٿو ته، “پوڙهن کي ڇڏيو، ٽي ڀيرا پوڙهو پنهنجا وارا جوڪ در جوق وٺي چڪو آهي، کيس چوٿون دفعو وزير اعظم بنائڻ بدران مونکي موقعو ڏيو.” ان بيان جي جواب ۾ نواز شريف فرمائي ٿو ته، “قوم کي ڪوڙا خواب ڏيکارڻ بند ڪريو، ملڪ کي ترقي اسان ڏيارينداسون.” نواز شريف وڌيڪ چيو ته، “صنعتن ۾ ايندڙ پيسي جي باري ۾ نه پڇڻ جي پاليسي اختيار ڪئي وڃي.” ان جملي کي اسان جي هڪ سادي دوست هيئن پڙهيو ته، “صنعتن ۾ ايندڙ پيپسي جي باري ۾ نه پڇڻ جي پاليسي هجڻ گهرجي.” ته مون کيس مذاق ۾ چيو يار ضروري ته ناهي صنعتن ۾ ڪم ڪندڙ سڄي اسٽاف کي پيپسي پسند هجي، ڪي پاڪولا پيئڻ جا شوقين هوندا. وري نواز شريف خاموشي ٽوڙيندي چيو ته، “اسان پاڪستان کي دنيا جي چوويهين معيشت بڻايو، اسان واري پاليسي هجي ها ته هن مهل ڊالر 40 يا 50 جو هجي ها. 2022ع ۾ مجبوري وچان حڪومت سنڀالي. شهباز جي استعيفا تيار هئي پر جوڪ در جوق ڌمڪين کان نه ڊنا سين.” ھوڏانھن بلاول چيو ته، “مسئلن مان نڪرڻو آهي ته نئين سياست ڏانهن وڌڻو پوندو، پراڻيون پارٽيون پراڻي سياست سان لڳل آهن. بند ڪمرن ۾ فيصلا ڪري عوام کي ٻڌايو ويندو آهي ته هاڻي هي آهي اوهان جو وزير اعظم.” بلاول ٻيهر چيو ته، “اسان مهانگائي، بيروزگاري ۽ غربت جا مخالف آهيون. ڇا ستر سالن جي ڪُراڙن ماڻهن کي مفت ۾ حڪومت ڏئي ڇڏيون؟ اڄ ۽ سڀاڻي جي مسئلن جو حل پي پي جي منشور ۾ آهي.”

بلاول جي جيئن ته ڀرپور جواني آهي، تنهن ڪري کيس سڀ سياستدان پوڙها ٿا لڳن. جڏهن ته محبوب يا حڪومت کي حاصل ڪرڻ لاءِ عمر ناهي ڏٺي ويندي. بلاول کي بلڪل موقعو ملڻ کپي پر اهو ڪم ته عوامي اڪثريت جي هٿن ۾ آهي. ها سائين نواز صاحب توهان ملڪ کي ترقي وٺرائيندا، ايئن جيئن اڳين ٽن دورن ۾ اوهان ترقي ڏياري! باقي ڪي خواب ته هوندا ئي ڪوڙا آهن، سچا خواب ته خدا جا بزرگ ٻانها ڏسندا ۽ ڏيکاريندا آهن. ٻيو اهو ته ڊالر جو اگهه پاليسي موجب نه پر ترقي تحت ڪٿبو آهي. 2022ع ۾ آخر اها ڪهڙي مجبوري هئي جو اوهان کي اقتدار سنڀالڻو پيو! ايئن چئو نه ته عمران خان کي هٽائڻ لاءِ اوهان پاڪستان جمهوري تحريڪ (پي ڊي ايم) ٺاهي. شهباز جي استعيفا تيار هئي ته پوءِ سندس آفيس جي ميز واري خاني ۾ ڇا پئي ڪري؟ منظرِ عام تي اچي ها ته چڱو نه هو! اوهان جهڙن وڏن ماڻهن کي نيٺ ڪهڙو مائيءَ جو لال ڌمڪيون پيو ڏي، جنهن کان توهان خوفزده نه ٿيا! سياست نئين هجي يا پراڻي، مسئلن منجهان نڪرڻو آهي ته سچائي سان ڪم ڪرڻو پوندو.

بلاول صاحب قرب ڪري عوام کي اهو به ٻڌائي ته بند ڪمرن ۾ فيصلا ڪير ڪري ٻڌائيندو آهي ته هي الاڻو فلاڻو اوهان جو وزير اعظم آهي. اوهان ڀلي ستر سالن جي پوڙهن کي حڪومت نه ڏيو پر اوهان به ته عوام کي اعتماد ۾ وٺي وڌ ۾ وڌ ووٽ حاصل ڪري ڏيکاريو! توهان بيشڪ عوامي مسئلن جا مخالف آهيو، ٻين پارٽين کي پڻ مهانگائي، بيروزگاري ۽ غربت بابت قدم کڻڻ جا جتن ڪرڻ گهرجن. اوهان کي ذوالفقار علي ڀٽي جي معاشي نعري “اٽو، لٽو ۽ اجهو” جي روشني ۾ سياست ڪرڻ کپي. ان جا ٻه فائدا ٿيندا، هڪ ته اوهان کي بادشاهي ملندي ۽ ٻيو ته عوام سکيو ستابو ۽ خوشحال ٿيندو، خوش رهندو ۽ اڳتي جي لاءِ به اوهان کي حڪومت ٺاهڻ لاءِ مينڊيٽ ڏيندو. عام ماڻهن جي اڪثريت جا پنهنجا مسئلا آهن، انهن کي اهو مٿي جو سور ناهي ته اقتدار ۾ ڪير ٿو اچي، انهن لاءِ اهو ڪافي آهي ته حڪومت ۾ ڪير به اچي پر عوامي مسئلا حل ٿيڻ گهرجن. مقابلو انهيءَ معاملي تي ٿيڻ کپي ته ڪير ٿو عوام کي وڌيڪ خوش رکي. هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته ايندڙ اليڪشن ۾ عوامي اڪثريت جوڪ در جوق ووٽ ڏئي ڪهڙي پارٽي کي اڳتي ٿي آڻي!؟