نمرتا، نائلا ۽ مُرڪ

0
56
نمرتا، نائلا ۽ مُرڪ

  اسان جو الميو اھو بہ آھي تہ جڏھن بہ ڪو دردناڪ الميو رونما ٿئي ٿو تہ اسان جذباتي ٿي وڃون ٿا ۽ ھوش کان وڌيڪ جوش ۽ ماتم پٽڪي ۾ لڳي وڃون ٿا. ۽ پوءِ ‘سکڻي ڪني اڀامي گھڻو’ جھڙي ڪرت ڪندي ماٺ ٿيو وڃون. اسان ھن نوعيت جي سمورن المين ۾ قتل ۽ خود ڪشي جي بحث ۾ الجھي ۽ قاتل جي گرفتاري جو مطالبو ڪري معاملي جي اصل نوعيت، سبب ۽ ان جي حل کان ڪن لاٽار ڪندا آهيون. بلاشڪ خودڪشي بہ قتل ئي آھي جيڪو مقتول پاڻ سرانجام ڏئي ٿو. اسان کي سڀ کان پهرين تہ ھر اھڙي المئي ۾  ان حقيقت کي سمجهڻ ۾ گھڻي دير نہ لڳائڻ گھرجي تہ اصل حقيقت ڪھڙي آھي.

                 نمرتا، نائلا ۽ مرڪ جي المين ۾ منھنجي ڄاڻ مطابق اھو واضح آھي تہ نمرتا جو قتل ٿيو آھي جڏھن تہ نائلا ۽ مرڪ خودڪشي ڪئي آهي. نمرتا جي قتل ۽ نائلاجي خودڪشي جي ڪيسن جي نوعيت ‘شاگردياڻين جي جنسي استحصال’ جي تحقيق جي دائري ۾ اچي ٿي.

                  اسان جذباتي ماحول ۾ انفرادي ڪيسن ۾ ملوث ڪردارن کي ڪيفر ڪردار تائين پھچائڻ جو مطالبو تہ ڪندا آهيون پر ان جي مستقل ۽ پائدار حل متعلق محنت ۽ جدوجهد ڪرڻ کان ڪن لاٽار ڪندا آهيون. جنھن ڪري تسلسل سان ساڳيا الميا رونما ٿيندا رھن ٿا ۽ اسان بہ ملوث ڪردارن تي وقتي طور لعنت ملامت ڪري وري روز مره جي زندگيءَ ۾ مصروف ٿي ويندا  آھيون. انصاف ڪرڻ رڳو رياست جي ذميواري ناھي ھوندي اھا اولين ذميداري سڄي سماج ۽ خاص طرح سماج جي ذميدار پرتن ۽ فردن جي ھوندي آھي. اسان کي ڏسڻ گھرجي تہ ڇا اسان نائلا ۽ نمرتا جي قتل ۽ خودڪشي جي پسمنظر ۾ پاڻ ھرتو ڪا سنجيده تحقيق ڪئي آهي تہ تعليمي ادارن ۾ شاگردياڻين جي  جنسي استحصال جون وارداتون ڪيئن ٿيون ٿين ۽ انھن جو تدارڪ ڪيئن ٿي سگهي ٿو؟ حقيقي انصاف جي راھ تہ اھا آھي جنھن ۾ توھان اسان سڀن کي پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي.

مرڪ جي المناڪ موت جو ڪيس ‘انقلابي ڌارا ۾ شامل ٿيندڙ نياڻين جي جنسي استحصال جو ڪيس’ آھي. مرڪ پيرزادو سميت قومي تحريڪ ۾ شامل ٿيندڙ انقلابي نياڻين جي سانحن جي بہ ھڪ تاريخ آھي، جنھن جو سڌيءَ ريت تعلق ‘قومي تحريڪ ۾ عورتن جي سگھاري ڪردار’ جھڙي اھم معاملي سان جڙيل آھي، جنھن بنا قومي تحريڪ جي ڪاميابي ممڪن ناھي. مرڪ سان انصاف جي واٽ اھا آھي تہ اسان انقلابي راہ تي ھلندڙ پنھنجي ھمسفر نياڻين جي تعليم، تربيت ۽ حفاظت جو مربوط ۽ مضبوط نظام جوڙيون، جيئن آئنده نہ ڪنھن نياڻي جو جنسي استحصال ٿئي، نہ ڪنھن جو بيدرديءَ سان قتل ٿئي ۽ نہ ڪا خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ٿئي.