افغان پناهگير ۽ بجر خان جا گفتا

0
71
افغان پناهگير ۽ بجر خان جا گفتا

 مون گذريل ڏينهن طورخم باڊر تي پاڪستان مان واپس ويندڙ افغانين جي هڪ وڊيو ڏٺي هئي، جنهن ۾ ھڪ افغاني همراه روئندي جذباتي ٿي ويو ۽ چوڻ لڳو ته، “اسان کي هن سرديءَ ۾ افغانستان ڇو پيو موڪليو وڃي؟ پاڪستان اسان جي وڏڙن بڻايو هو. هي ملڪ اسان جو آھي”. مون کي ان پناهگير تي کل آئي ۽ سوچيم ته هي همراهه پاڪستان ۾ مستقل رهڻ جو حق جتائڻ لاءِ سندس وڏڙن جو پاڪستان جي آزاديءَ لاءِ حصو ڳڻائي رهيو آھي، جيڪو قطعي غلط ۽ حقيقتن جي ابتڙ آھي. هن کي اها به خبر ڪانهي ته افغانين پاڪستان آزاد نه ڪرايو هو پر انهن هن سرزمين تي حملا ڪيا هئا. برصغير جي ساري تاريخ ان جي شاهد آھي. شير شاهه سوري کان ويندي قطب الدين ايبڪ تائين ڪيترن ئي ترڪ ۽ افغان نسل جي خاندانن هتي جي اصلوڪن رهواسين تي حملا ڪري نه فقط هتان جي رهواسين کي قتل ڪيو هو پر دهلي جي سلطنت به حاصل ڪئي هئي. انهن ترڪ ۽ افغان نسل جي  حڪمرانن پنهنجي مادري ٻوليءَ کي هٿي وٺرائي ۽ مقامي ٻولين کي نابود ڪيو هو. ان دور ۾ سرڪاري لک پڙھ فارسي زبان ۾ ڪئي ويندي هئي، جنهن ڪري مقامي  ٻوليون آھستي آھستي محدود ٿي ويون هيون. انهن حڪمرانن ثقافتي ورثن، ٻڌ  ۽ جين مت دور جي مندرن ۽ آثارن کي به تاراج ڪيو هو، ايئن جيئن باميان جي وادي ۾ گوتم ٻڌ جو مجسمو طالبان تباهه ڪيو هو. اهو مجسمو ڪابل جي ويجهو هڪ وڏي ٽڪري اندر تراشيل هو. باميان کي يونيسڪو پاران عالمي ورثو قرار ڏنل هو. دنيا ۾ ڪيترائي مجسما اڄ به موجود آھن، جن ۾ جارجنگ بل جو مجسمو، جيڪو نيويارڪ ۾ آھي. نيفر ٽيٽي جو مجسمو جو 1345 قبل مسيح ۾ ٺاهيو ويو هو. اهو برلن جي مصري ميوزيم ۾ موجود آھي. مائيڪل اينجلو جو مجسمو جيڪو ويٽيڪن سٽي ۾ سينٽ پيٽر جي بيسيليڪا ۾ موجود آھي ۽ ٻيا به دنيا ۾ ڪيترائي مجسما موجود آھن. اسلامي نظرئي مطابق مجسما ٺاهڻ يا رکڻ ڏوهه آھي.

پشتون نسل جي شير شاه سوري ٻه دفعا نصيرالدين محمد همايون مغل تي حملا ڪري شڪست ڏيئي ڀڄايو هو ۽ پاڻ دهلي جي حڪومت حاصل ڪئي هئي. پنجن سالن تائين همايون رلندو رهيو. نيٺ سندس زال حميده بانو سان گڏ ان جي ناناڻن وٽ ايران پهچي صفوي حڪمرانن جي مدد سان لشڪر چاڙھي آيو، جنهن ۾ شير شاه سوري کي شڪست ڏيئي ٻيهر تخت حاصل ڪيو هئائين. فريد خان عرف شير شاه سوري 22 مئي 1545ع تي بارودخاني ۾ اوچتو ڌماڪي ٿيڻ جي نتيجي ۾ گذاري ويو. مغل اصل ۾ منگول آهن، جيڪي عرب ملڪن تي حملن ۽ قبضن کان پوءِ عربي زبان ۾ منگول مان ڦري مغول سڏجڻ لڳا ۽ ايئن مغل بڻجي ويا. مغلن  1526ع کان 1857ع تائين برصغير تي حڪومت ڪئي.

آئون تاريخ مان جهاتي پائي پٺ تي موٽان ٿو ته مون کي حڪومت پاران ڌارين جي نيڪالي تي ڪجھ سياسي اڳواڻن جي  ڏنل بيانن ۽ ساڻن همدري تي تعجب ٿو لڳي. کين اهو به چڱي ريت معلوم آھي ته غير قانوني پناهگيرن جي پاڪستان ۾ رهڻ سان هزارين مسئلا پيدا ٿين ٿا، ان هوندي به هو اهڙا بيان ڏيئي عوامي همدرديون حاصل ڪرڻ چاهين ٿا ۽ اها حقيقت آھي ته ڪنهن به ملڪ ۾ غيرملڪي ماڻھن جي موجودگي امن امان کان ويندي ڪيترن ئي مسئلن ۽ مونجهارن جو سبب بڻجي ٿي. هن وقت جتي اسان جو ديس ڪافي عرصي کان دهشتگردي جي مسئلن کي منهن ڏيئي رهيو آھي ته اتي غيرملڪي ماڻھن جي موجودگي اسان جي وڌندڙ ڳڻتي جو سب بڻجي رهي آھي. يقينن غيرملڪي پناهگيرن جي رهائڻ سان ملڪن جو نقصان ٿئي ٿو، گڏوگڏ اهو عمل عالمي قانون جي ابتڙ پڻ آھي. ڪڏھن ڪڏھن ڌارين جي مهمان نوازي ڳچيءَ ۾ پئجي ويندي آھي. مون کي ان تي ھڪ سرائيڪي  پهاڪو ياد ٿو اچي: “ٻلي شير پڙھايا، ڦر ٻلي ڪون کاوڻ آيا”.

هاڻي ته سنڌ جي وڏن شھرن ۾ غيرقانوني رهيل پناهگير نه فقط وڏن ڪاروبارن جا مالڪ بڻجي ويا آھن پر انهن هتان جي غريب اصلوڪن رهاڪن کي تنگ پڻ  ڪرڻ شروع ڪيو آھي. وڏن شھرن ۾ پلاٽن سميت زمينن جا ڪوڙا کاتا ڪرائڻ جهڙا به ڪم ڪرڻ شروع ڪيا آھن، جيڪا ڳالھ اصلوڪن رهواسين جي حقن تي ڌاڙي برابر  آھي، پناهگيرن نه فقط رشوت عيوض هتان جا سڃاڻپ ڪارڊ ٺھرايا آھن، پر ان بنياد تي هتان جون نوڪريون به حاصل ڪيون آھن، جيڪو عمل مقامي رهواسين سان نسورو ظلم آھي. اسان جي حڪومت جي غيرملڪين کي نيڪالي ڏيڻ جي اهڙي قدم جي ساراهه ڪرڻ کان رهي نٿو سگهجي. ٻاهرين ماڻھن جي اسان وٽ اچي ترسڻ تي، مون کي  ڪيئي سال اڳ جو هڪ جهونو بجر خان ياد ٿو اچي، جيڪو ٻاهريون ماڻھو ته ڪونه هو، پر سندس اصلي ڳوٺ ۽ بعد ۾ لڏي اچي رهڻ جي هنڌ وچ ۾ ٻن ضلعن جو فاصلو هو. هو اڪثر چوندو هو ته هر ماڻھو پنهنجي وطن ۾ سونهي ٿو. هو جڏھن ڪنهن سان ڪاوڙبو هو ته چوندو هو: “اسان هت بي وطن آھيون، تڏھن ٿا توهان مستيون ڪريو. جيڪڏھن اسان جي وطن ۾ ھجو ها ته خبر ڏيئي ڇڏيان ها”. بجر خان ڪيئي سال اڳ خيرپور ميرس مان لڏي اچي سڪل درياءَ گونگڙي جي اتر طرف لوڻيلي جي وارياسن پٽن ۾ ويٺو هو. ورهاڱي دوران هندن جي هندستان وڃڻ سبب اتان جي ڳوٺاڻن کي هٿ آيل زمينون هارپي تي آباد ڪندو هو. هو ڳالهائڻ جو ڏاڍو مٺو ۽ سندس گفتا ڏاڍا معنيٰ خيز هوندا هئا. چوندو هو: ڌاريو ماڻھو گهر ۾ چڱو ناهي، ڏڪار ٿر ۾ چڱو ناهي، يار شھر ۾ چڱو ناهي ۽ منافق ڀر ۾ چڱو ناهي.

بجر خان جي اکين ۾ ايئن ئي لڙڪن جي پوسل رهندي هئي. جڏھن کانئس ان بابت پڇبو هو ته چوندو هو: “بابا مان کي پنهنجو وطن ٿو ياد پوي. وطن کي ساري روئان ٿو”. بجر خان واپس خيرپور ويندي گنجي ٽڪر ويجهو گذاري ويو. اها به خبر ناهي ته سندس لاش اباڻي قبرستان ۾ دفن ٿيو يا گنجي ٽڪر تي مٽيءَ حوالي ٿيو هو. سوچيان ٿو ماڻھو جتان اچي ٿو، هڪ ڏينهن اوڏانهن ئي کيس واپس موٽڻو آھي. اسان وٽ لکن جي تعداد ۾ خانا بدوش قبيلا جيڪي هتان جا اصلوڪا رهواسي آھن، اهي پنهنجي وطن ۾ بي گهر آھن ۽ اهي  سدائين درد جي مسافرين ۾ آھن. حڪومت کي گهرجي ته ڌارين کي نيڪالي ڏيڻ سان گڏ انهن دربدر قبيلن کي به هڪ هنڌ وسائڻ لاءِ جامع پاليسي جوڙي ته جيئن اهي ماڻھو سدائين سفر واري زندگي کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهن.