مفاد ۽ نظرين جي دنيا

0
96
مفاد ۽ نظرين جي دنيا

 چي گويرا ڇا ته خوب چيو آھي: “نظرياتي انسان ڪڏھن به غدار نه ٿيندا آھن، دولت جا شوقين ڪڏھن به وفادار نه ھوندا آھن”. نظريو، فلسفو يا تصور عمل واسطي بنياد آھي. ڀت پنھنجي بنياد تي ويندي آھي. ھر پارٽي، ھر رياست ڪنھن نه ڪنھن نظرئي سان چنبڙيل ھوندي آھي. ان جو ھڪ ثبوت مذھب جو استعمال آھي. دنيا جا 50 کن ملڪ اسلام کي نظرياتي، عقيدتي ھٿيار ڪري ڪتب آڻين ٿا. ڪيترائي ملڪ مسيح  جو نانءُ استعمال ڪن ٿا ۽ صيھوني  يھوديت کي استعمال ڪن، جيڪا وري  دين جي ان پرچار جو بگاڙ آھي، جيڪا بني اسرائيل جي انبياءِ ڪرام ڪئي. انھن انبياءِ ڪرام پرچار ڪئي ته جي اوھان الله جي  فرمانن تي عمل ڪريو ته اوھان کي زمين ۽ حڪمراني ملندي. ان ڳالھ جي ڳنڍ ٻڌي  صيھوني ذھنيت ھڪ خاص وقت کان دعوا ڪرڻ ۽ ان بنياد تي فلسطين تي قبضي جي مھم ھلائڻ لڳي.

                 ان طرح يھودين چيو ته فلسطين يھودين لاءِ الله جي واعدو ڪيل زمين آھي. ان بنياد تي يھودي فوجين جو ھڪ حصو مرڻ مارڻ لاءِ تيار آھي. سو اڄ جڏھن حماس جي مزاحمت فوج جا ڏند کٽا  ڪري رھي آھي، تڏھن  فوج ۾ بغاوت جو خواب اڃا تعبير ماڻي نه سگھيو آھي. يھودين جي سازشن واري ذھنيت ايتري پکڙيل ۽ پاڙون ھڻي ويل آھي جو مسلمانن ۾ سندن ڦھلايل وھمن جي ھڪ دنيا عمل ۾ آھي. اھا ھڪ ناسور بڻيل آھي ۽ انھن مان ڪنھن ھڪ جي به حقيقت وائکي ڪرڻ واري کي پاڻ مسلمان سنگسار ڪرڻ لاءِ تيار ھوندا آھن، پر وھم ايترو ڏکيو ناھي، جيترو مفاد آھي. مفاد جي پوڄا ڪئي ٿي وڃي.

 مفاد تي به ماڻھو مرڻ مارڻ لاءِ تيار آھن. مفاد ھڪ ته انفرادي آھي. مفاد ٽن صورتن ۾ پلجي ۽ ظاھر ٿئي ٿو. دولت، عھدو يا اقتدار ۽ مشھوري. اھي ٽئي صورتون جڏھن اجتماعي بڻايون وڃن، تڏھن وڌيڪ خوفناڪ، خطرناڪ بڻجي ٿيون وڃن.

قومن جي اجتماع گڏيل قومن جي نالي سان اجتماعي مفاد کي جواز ڏنو. ان جا ڪرتوت ھئا، جو عراق خلاف آمريڪي منصوبي لاءِ ھڪ اوزار جو ڪم ڏنائين. ڏھ لک ٻار دوائون نه ملڻ سبب ۽  بک ۾ پاھ ٿي مري ويا.

ان کان سواءِ به عراق ۾ وڏي تباھي ٿي. ان ۾ وڏو ھٿ آمريڪي قومي مفاد جو ھو. افغانستان ۾ آمريڪي قومي مفاد تباھي ڪئي. ان ۾ شڪ ناھي ته انھن ۽ اھڙن سمورن حملن ۾ مجموعي طور سامراجي مفاد به حصيدار ھو. اڄ جڏھن اسرائيل فلسطينين کي  صفحه ء ھستيءَ تان ميسارڻ لاءِ حملا پيو ڪري، تڏھن اتي آمريڪي قومي مفاد، اسرائيلي قومي مفاد ۽  سامراجي مفاد ڪم ڪري رھيو آھي. ان جي سامھون فلسطيني قومي مفاد ھو،

 جنھن فلسطينين جي مزاحمت کي ڪمزور ڪيو. قومي مفاد جا مصلحت پسند پرچارڪ ياسر عرفات کان وٺي محمود عباس تائين  صيھونين لاءِ سڻڀا گرھ رھيا. ھوڏانھن اسلامي سربراھ ڪانفرنس ناڪام ٿي آھي ته ان تي گھڻن ئي ماڻھن کي ڏندين آڱريون آھن. فلسطين جي 75 سالن جي تباھيءَ واري تاريخ کان جو به واقف ھوندو، تنھن کي ان جو اندازو ھوندو.

ان ھوندي انھن جي ذھنن ۾ به ڪجھ مونجھارا ضرور ھوندا. ڪيئي ماڻھو آمريڪا جي ڊپ کي سبب سمجھن ٿا، پر حقيقت ۾ ته عرب بادشاھ ۽ وچ اوڀر جا ايران کي ڇڏي ڪري، ٻيا حڪمران به آمريڪا جي ڊپ جي آڙ ٿا وٺن. اھي تيل ۽ ٻڌيءَ جو ھٿيار ڪاميابيءَ سان  استعمال ڪري سگھن ٿا،

پر اھي ڄاڻي واڻي ايئن نه ٿا ڪن. ڪو سچ چوڻ جي جرئت ڪري ته اھو قومي مفاد آھي، جنھن جو نالو وٺي خاص طور عرب حڪمران فلسطينين لاءِ ڪجھ نه ٿا ڪن. فلسطينين جي آزاديءَ جو مطلب اسٽيٽسڪو ۾ زلزلو اچڻ آھي. ٻين لفظن ۾ فلسطين جي آزاديءَ سان عرب بادشاھتن کي خطرو آھي. پاڻ فلسطيني آزاد ٿيندا ته اھي پاڙي جي عرب بادشاھن جي تخت تاج جي پٺيان پئجي ويندا.  فلسطينين جي وڏي تعداد جي نظر ۾ عرب بادشاھ غدار آھن ۽ ھنن لفاظيءَ کان سواءِ ڪيو ئي ڇا آھي! اھو ساڳيو فارمولا ٻين ملڪن جي حڪمران طبقي جو به آھي. بقول حبيب جالب:

اٺا رھا ھي جو فتني ميري زمينون مين

وه سانپ ھم ني ھي پالا ھي آستينون مين

ھي بحث ڪنھن حد تائين درست آھي ته  عوام، خاص طور تي اوڀر جي ملڪن جي عوام به ڪو ٻوٽو نه ٻاريو آھي پر اھا ته سڀني کي خبر آھي ته رياست فيل مست آھي، اھا ئي گھڻو ڪجھ ڪري سگھي ٿي. اھو جيڪو قومي مفاد آھي ۽ جنھن کي وڏي مڃتا ڏني وئي آھي، ان کي اخلاق  جيتري اھميت ڏني وئي آھي،

 اخلاق کي قومي مفاد لاءِ اڪثر قربان ڪيو وڃي ٿو. قومي مفاد جي دڙي کي کوٽبو ته ان جي اندران سرمائيدار طبقي جا مفاد نڪرندا ۽ غريب ماڻھن کي قومي مفاد مان تڙي ڪڍيو ويندو. ھيئن به چئي سگھجي ٿو ته  قومي مفاد ڀٽائيءَ واري حب الوطني ناھي. ڀٽائيءَ جي حب الوطني غريب ماروئڙن سان محبت آھي.

الست بربڪم، جڏھن ڪن پيوم،

قالو بليٰ قلب سين، تڏھن تت چيوم،

تنھين وير ڪيوم، وچن ويڙھيچن سين.

حق جا ڳولائو ڪنھن به پارٽي، ڪنھن به گروھ سان ھجن، آخرڪار اڄ يا سڀاڻي پنھنجو صحيح ڪردار ڪري ٿا وٺن. اڄڪلھ  ھڪ ربيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ ڪجھ يھودي، صيھوني اسرائيل خلاف ڀرپور آواز اٿاري رھيا آھن. (صيھونيت ۽ يھوديت ۾ فرق ڪرڻ گھرجي. صيھونيت والار پسند انتھاپسند يھودين جو ٽولو آھي.

ان جا مخالف يھودي به آھن ۽ اھي مخالفت ۾ آواز اٿاريندا رھن ٿا.) اھو آواز فلسطينين جي حق جو آواز آھي. دنيا جون ھاءِ پروفائل شخصيتون فلسطينين لاءِ ڳالھائين ٿيون. مثال طور: چي جي ڌيءَ اليڊا گويرا، اميرا حيس، عمران حسين، ايلون مسڪ، راشدا طليب، راجر واٽرز، جسٽن ٽروڊو، جڊيون ليوي، جيفري سچس، نوم چومسڪي، نورا اراڪات، ڊاڪٽر ڪارنيل ويسٽ، ڪينيٿ اوڪيف، ميگن رائس. فلسطيني حق تي آهن، انهن جي حمايت ۾ آواز اٿندا رهندا.