تنگواڻي ويجهو هفتي اندر 2 ڀائر ارڙي وگهي فوت، انگ 21 ٿي ويو

0
153
پنوعاقل ويجهو بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت
پنوعاقل ويجهو بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت

تنگواڻي (ن پ ا) تنگواڻي ڳوٺ منظورچاچڙ ۾ هڪ هفتي اندر 2 ڀائر ارڙي وگهي فوت ٿي ويا، فوتين ۾ 3 ورهين جو آذان پٽ اڪبر چاچڙ ارڙي وگهي فوت ٿي ويو،7 جڏهن ته 7 ڏينهن اڳ سندس ڀاءُ معدالدين چاچڙ بہ ارڙي وگهي فوت ٿي ويوهو، تعلقي ۾ فوتين جو انگ 21 ٿي ويو، صحت کاتي اپاءُ نہ ورتا،ڪيترائي معصوم جانيون وبائي مرض ۾ مبتلا آهن، وڌيڪ انساني جانيون ضايع ٿيڻ جو انديشو آهي، ڳوٺاڻن پاران صحت کاتي کان جون ٽيمون موڪلي قمتي جانيون بچائڻ جو مطالبو پڻ ڪيوويو،هوڏانهن صحت کاتي ڪي بہ اپاءُ نہ ورتا نہ ئي ڪو اسپتال ۾ ڪو وارڊ قائم ٿي سگهيو.