بحريا ٽائون ڌرڻو ڪيس، گرفتار 5 جوابدارن کي چئن ڏينهن جَي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي

0
206

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جِي دهشتگردي ٽوڙ عدالت، بحريا ٽائون ڌرڻي ڪيس ۾ گرفتار 5 جوابدارن کي چئن ڏينهن جَي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته جوابدارن تي اي ٽي ايم مشين ٽوڙڻ ۽ ڀڃ ڊاهه سميت سنگين نوعيت جا الزام آهن، جن وٽان هٿيار به هٿ آيا آهن، جوابدارن ۾ امير عباس، معشوق، شفقت، پرويز ۽ حيدر عباس شامل آهن.