اٽو مهانگو، غريب مٽيءَ جي ماني کائڻ تي مجبور

0
422

ڪوٽڙي (رپورٽ: شوڪت ميمڻ) اٽو مهانگو ٿي ويو، غريب ماڻهو مٽي جي ماني کائڻ تي مجبور ٿي ويا، ڪوٽڙي ۾ انوکو احتجاج ڪيو ويو

May be an image of 4 people, musical instrument and text

ڪوٽڙي ۾ عورتن مٽي جون مانيون پچائي اٽو مهانگو ٿيڻ خلاف انوکو احتجاج ڪيو، مک چوڪ المدينا تي عورتن مهانگائي وڌڻ خلاف مٽي جون مانيون پچايون

ڄامشورو سجاڳ فورم جي سڏ تي عورتن  انوکو احتجاج ڪيو، اقبال ، جاني گهرياڻي ۽ ٻين جو چوڻ هيو ته مهانگائي سبب ٻچا بک پيا مرن، اٽو خريد ڪرڻ جي سگھه ناهي.

عورتن چيو ته اٽو مهانگو هجڻ ڪري ماني پچائڻ لاءِ به اٽو ناهي، مسڪين ماڻهن کان جيئڻ جو حق به کسيو پيو وڃي، اٽو سستو ڪيو وڃي