توشه خانه ڪيس ٻِي عدالت منتقل ڪرڻ بابت عمران خان جي درخواست رد

0
332
توشه خانه ڪيس ٻِي عدالت منتقل ڪرڻ بابت عمران خان جي درخواست رد
توشه خانه ڪيس ٻِي عدالت منتقل ڪرڻ بابت عمران خان جي درخواست رد

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي 8 درخواستن تي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو

هاءِ ڪورٽ توشا خانه فوجداري ڪارروائي جو ڪيس ٻڌڻ جوڳو قرار ڏيڻ جو سيشن ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو

هاءِ ڪورٽ فيصلو ڏنو ته سيشن ڪورٽ ڪيس ٻيهر ٻڌي فيصلو ڪري، جڏهن ته سيشن ڪورٽ ڪيس ٻڌڻ جوڳو قرار ڏنو هو جنهن کي عمران خان چيلنج ڪيو هو، عدالت ٻيهر ان نقطي تي ٻڌڻي ڪندي ته ڪيس ٻڌڻ جوڳو آهي يا نه

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توشا خانه ڪيس سيشن ڪورٽ کان ٻي عدالت منتقل ڪرڻ جي پي ٽي آءِ جي  درخواست به رد ڪري ڇڏي

عمران خان ڪيس ۾ دفاع جو حق بحال ڪرڻ جي درخواست به ڪئي هئي جنهن تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ايندڙ هفتي جو نوٽيس جاري ڪيو ويو

شاهدن جي پيش ڪرڻ جي اجازت نه ڏيڻ تي به عمران خان درخواست داخل ڪئي هئي، جيڪا درخواست ٻڌڻ جوڳي قرار ڏني وئي

هوڏانهن سيشن ڪورٽ ۾ عمران خلاف توشا خانه ڪيس جي ٻڌڻي جاري آهي

هي به پڙهندا

شاهد خاقان، حفيظ شيخ، اسلم ڀوتاڻي ۽ فواد حسن فواد نگران وزيراعظم جا اميدوار