اليڪشن 8 فيبروري تي ٿي رهي آهي، مونجهارو نه پکيڙيو وڃي: چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ

0
42

اليڪشن 8 فيبروري تي ٿي رهي آهي، مونجهارو نه پکيڙيو وڃي، ڇا 5 معززن جي ڏاهپ پارليامينٽ جي 326 ميمبرن جي دانشمنداڻي قانونسازي کي ختم ڪري سگهي ٿي؟ چونڊيل نمائندن جي قانونسازي کي حقارت سان نه ٿو ڏسي سگهجي: چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جا تاحيات نااهلي ڪيس جي ٻڌڻي دوران رمارڪس، چيف جسٽس چيو ته آمرن صادق ۽ امين جو شرط پنهنجي لاءِ ڇو نه وڌو، رهڻ ڏيو ترميمون به بس گن پوائنٽ تي آيون، ڪجهه ماڻهن چيو ته اڌ جمهوريت به آمريت کان بهتر آهي، آئين جو تقدس تڏهن ٿيندو جڏهن اسان مڃينداسين، يا ته اسان چئي ٿا ڇڏيون ته بندوق جو تقدس مڃينداسين، هتي ويٺل 5 ججز جي ڏاهپ پارليامينٽ ۾ ويٺل ماڻهن کان وڌيڪ ڪيئن ٿي سگهي ٿي؟ منهنجو والد به ايوب دور ۾ نااهل ٿيو، وڪيل خرم رضا چيو ته پارلياماني بحث ۾ تسليم ڪيو ويو ته 62 ون ايف مدي واري معاملي تي خاموش آهي، چيف جسٽس چيو ته نااهلي جون اهي شقون هڪ ڊڪٽيٽر شامل ڪيون، درست يا غلط؟ يا ته پوءِ آمريت کي اسان درست مڃون، هڪ ڊڪٽيٽر آيو، ٻيو آيو ۽ ٽيون آيو ۽ سڀ ڪجهه کڻي ڦٽي ڪري ڇڏيو، صادق ۽ امين جي لفظن تي ڪير پورو لهي سگهي ٿو، آئين ته غير مسلم کي به چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏئي ٿو