اليڪشن ملتوي ڪرڻ بابت سينيٽ ٺهراءَ منظور ڪري ورتو

0
103

اسلام آباد:سينيٽ چونڊون ملتوي ڪرڻ بابت پيش ڪيل ٺهراءُ اڪثريتي راءِ سان منظور ڪري ورتو آهي

 نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ۽ نون ليگ جي سينيٽر عفنان الله پاران ٺهراءَ جي مخالفت ڪئي وئي

آزاد سينيٽر دلاور خان پاران پيش ڪيل ٺهراءَ ۾ چيو ويو ته ملڪ ۾ بدامني وڌي وئي آهي، جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان، محسن داوڙ ۽ سڪيورٽي فورسز تي حملا ٿيا آهن

دلاور خان چيو ته ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ تمام گهڻي ٿڌ به آهي، تنهن ڪري 8 فيبروري تي رٿيل چونڊون ملتوي ڪيون وڃن، اليڪشن ڪميشن رٿيل چونڊ تي نظرثاني ڪري

 نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته اسان ٺهراءَ جي مخالفت ٿا ڪيون، نون ليگ جي سينيٽر افنان الله به ٺهراءَ جي مخالفت ڪندي چيو ته سيڪيورٽي جو بهانو بڻائي اليڪشن ملتوي ڪرائي پئي وڃي

سينيٽر افنان الله چيو ته بدامني کي منهن ڏيڻ سيڪيورٽي ادارن جو ڪم آهي، ڪنهن جي خواهش تي نه پر قانون ۽ آئين موجب اليڪشن ٿيندي آهي، بوٽ پالش شروع ٿي وئي آهي

 سينيٽر افنان الله جي بوٽ پالش واري جملي تي ايوان ۾ گوڙ، سينيٽ چيئرمين ٺهراءَ تي ووٽنگ ڪرائي، ايوان ۾ موجود سينيٽرز جي اڪثريت جي حمايت سان ٺهراءُ منظور ڪيو ويو