اسلام آباد ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ سني علماءِ ڪائونسل جو اڳواڻ مولانا مسعود الرحمان مارجي ويو

0
79

وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ اڻڄاتل موٽرسائيڪل سوارن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ سني علماءِ ڪائونسل جو مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري مولانا مسعود الرحمان عثماني مارجي ويو.

پوليس ذريعن موجب اسلام آباد جي غوري ٽائون ۾ اڻڄاتل موٽرسائيڪل سوارن گاڏي تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ مولانا مسعود الرحمان عثماني ۽ ڊرائيور زخمي ٿي پيا، جن کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.

سني علماءِ ڪائونسل جو چوڻ آهي ته فائرنگ جي نتيجي ۾ مولانا مسعود الرحمان مارجي ويو.

پوليس موجب مولانا مسعود الرحمان سني علماءِ ڪائونسل جو مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري هو.

پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن جي ڳولا لاءِ سرچ آپريشن ڪيو پيو وڃي.