اسرائيل جي غزه تي بمباري جاري، وڌيڪ 377 فلسطيني شهيد

0
198
اسرائيل جي غزه تي بمباري جاري، وڌيڪ 377 فلسطيني شهيد
اسرائيل جي غزه تي بمباري جاري، وڌيڪ 377 فلسطيني شهيد

ڪراچي: اسرائيل جي غزه تي بمباري جاري، وڌيڪ 377 فلسطيني شهيد، اسرائيلي جيٽ جهازن ۽ ٽئنڪن  گهرن، اسپتالن ۽ اسڪولز  کي نشانو بڻايو

غزه جا  ڪيترائي علائقا فائرنگ ۽ ڌماڪن سبب گونجي اٿيا، فلسطيني وزارت صحت  موجب 7 آڪٽوبر کان جاري بمباري ۾ شهيد فلسطينين جو انگ 8 هزار  کان وڌي ويو،  22 هزار ماڻهو زخمي ٿي پيا

 فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس  جي عسڪري ونگ القسام برگيڊ طرفان اسرائيل  جي اهم ترين شهر ديمونا کي نشانو بڻائڻ جي دعويٰ، اسرائيل جي وارياسي علائقي نقب ۾ واقع ديمونا شهر ڳجهي حساس جوهري تنصيبات سبب اهم آهي

 پرڏيهي ميڊيا موجب حماس غزه ۾ اسرائيلي فوج جي زميني ڪارروائيءَ ۾شريڪ هڪ فوجي ٽرڪ کي تباهه ڪري ڇڏيو، حزب الله به اسرائيلي فوجي قافلي ۽ چيڪ پوسٽ کي نشانو بڻايو

هي به پڙهندا

اسرائيل جو  حد ڪراس ڪرڻ ڪنهن کي به ان خلاف ڪارروائي تي مجبور ڪري سگهي ٿو: ايراني صدر