ارباز خان کانپوءِ ملائڪه به ٻي شادي جو اشارو ڏئي ڇڏيو

0
91
ارباز خان کانپوءِ ملائڪه به ٻي شادي جو اشارو ڏئي ڇڏيو
ارباز خان کانپوءِ ملائڪه به ٻي شادي جو اشارو ڏئي ڇڏيو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا ۽ فلمساز ارباز خان جي اڳوڻي زال ۽ اداڪارا ملائڪه اروڙا به ٻي شادي ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو. 24 ڊسمبر تي ارباز خان بالي ووڊ ميڪ اپ آرٽسٽ شوريٰ خان سان ٻي شادي ڪئي جنهن ۾ هن ان جوڙي جي خاندان وارن ۽ ڪجهه ويجهن دوستن شرڪت ڪئي هئي

ڀارتي ميڊيا موجب اربازخان ۽ شوريٰ خان جي پهرين ملاقات نئين ايندڙ فلم ”پٽنه شُڪلا“ جي سيٽ تي ٿي هئي جتي ٻنهي جي محبت جي ڪهاڻي شروع ٿي. ارباز خان ۽ شوريٰ خان جي شادي کان پوءِ هاڻي ملائڪه اروڙا جي هڪ وڊيو ڪلپ سوشل ميڊيا تي وائر ٿي رهي آهي جنهن ۾ هوءَ پنهنجي ٻي شادي بابت ڳالهائي رهي آهي

ڄاڻايل وڊيو ڪلپ ڀارتي شو “جهلڪ دکلاجا” جي نئين قسط جو پرومو آهي، جنهن ۾ فرح خان پنهنجي آڏو ويٺل ملائڪه اروڙا کان سوال ڪري ٿي ته هوءَ 2024ع ۾ شادي ڪندي؟

پهريان ته ملائڪه اروڙا چوي ٿي ته کيس سوال سمجهه ۾ نه آيو پر بعد ۾ سوال سمجهڻ کان پوءِ جواب ۾ چوي ٿي ته جيڪڏهن ڪو مون کي شاديءَ جي آڇ ڪندو ته آئون ضرور شادي ڪنديس. ملائڪه اروڙا پنهنجي جواب ۾ ارجن ڪپور جو نالو نه ورتو