راولپنڊي: 190 ملين پائونڊ ريفرنس ۾ پي ٽي آءِ باني ۽ سندس گهر واري تي فرد جرم لاڳو

0
41
راولپنڊي: 190 ملين پائونڊ ريفرنس ۾ پي ٽي آءِ باني ۽ سندس گهر واري تي فرد جرم لاڳو
راولپنڊي: 190 ملين پائونڊ ريفرنس ۾ پي ٽي آءِ باني ۽ سندس گهر واري تي فرد جرم لاڳو

راولپنڊي جي احتساب عدالت 190 ملين پائونڊ ريفرنس ۾ پي ٽي آءِ باني ۽ سندس گهر واري تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو آهي

 احتساب عدالت جي جج ناصر جاويد راڻا اڊيالا جيل اندر ٻڌڻي هلائي، جج پي ٽي آءِ باني ۽ سندس گهر واري بشريٰ بي بي جي عدالتي ڪمري ۾ موجودگي دوران فرد جرم پڙهي ٻڌائي

 پي ٽي آءِ باني ۽ سندس گهر واري فرد جرم ۾ لڳايل الزام رد ڪري ڇڏيا، ڪيس ۾ 58 گواهن جون شاهديون ريڪارڊ ڪيون وينديون

 عدالت 5 گواهن کي طلب ڪندي ٻڌڻي 6 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي