گوڊولفن ريس لاءِ گهوڙو 65 ڪروڙ رپين ۾ وڪرو

0
368

لنڊن(دلچسپ نيوز)دنيا جي سڀ کان مهانگي گوڊولفن ريس لاءِ 65 ڪروڙ رپين ۾ گهوڙو وڪرو ٿي ويو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب دبئي ۾ دنيا جي سڀ کان مهانگي گهوڙن واري ريس لڳائي ويندي آهي جنهن ۾ دنيا جا ڀلوڙ نسل جا گهوڙا آندا ويندا آهن، هن ڀيري گهوڙن جي ان ريس لاءِ دبئي جي شيخ محمد بن راشد المختوم هڪ نوجوان گهوڙي جي ٻولي 43 لک 56 هزار ڊالر لڳائي جنهن جي پاڪستاني روپين ۾ رقم 65 ڪروڙ کان وڌيڪ ٺهي ٿي.برطانيه ۾ ٿيندڙ ان نيلامي ۾ مخالفن به وڌي ٻوليون ڏنيون پر آخرڪار قرعه اندازي ۾ شيخ محمد جو نالو نڪتو ۽ گهوڙو خريد ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.ان موقعي تي شيخ جي نمائندي اينٿوني اسٽرائوڊ چيو ته اهو ڀلوڙ ايٿليٽ گهوڙو آهي ۽ تيز حرڪت ڪندڙ به آهي ۽ پاڻ دبئي جي شيخ به ان کي پسند ڪيو آهي، هن چيو ته ان کي خريد ڪرڻ کانپوءِ هو پاڻ کي چنڊ تي محسوس ڪري رهيو آهي ڇو ته اهو هڪ حيرت جوڳو گهوڙو آهي.گهوڙو سڀ کان وڏي ۽ قيمتي ريس گوڊولفن ۾ حصو وٺندو ۽ ڪولمور نالي ڪمپني سان سخت مقابلي کانپوءِ ان کي خريد ڪيو ويو جنهن آخر تائين ٻولي ۾ حصو ورتو. ٻئي طرف قطر جي شيخ فهد به ان کي اسٽاڪ مان 13 لک ڊالرن جو هڪ گهوڙو خريد ڪيو آهي، ان نيلامي ۾ گڏيل طور تي 164 گهوڙا وڪرو ڪيا ويا جن جي گڏيل قيمت 45 ملين ڊالر هئي.