آئس لينڊ (دلچسپ نيوز) گرين لينڊ ۾ 30 سالن دوران 4 هزار ارب ٽن برف غائب ٿي وئي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب گرين لينڊ ۾30 سالن دوران 4 هزار ارب ٽن برف ڳري پاڻي ٿي وئي آهي، برفيلي علائقي ۾ موسمي تبديلين سبب لاڳيتو برف وگهرڻ ۾ تيزي اچڻ سبب سمنڊن ۾ پاڻي سطح وڌڻ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي. گڏيل قومن تحت ماحوليات بابت تحقيق ڪندڙ اداري انٽرگورنمنٽل پينل گرين لينڊ بابت پنهنجي تحقيق مڪمل ڪرڻ بعد نئين رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته موسمياتي تبديلين سببب برف جا عالمي ذخيرا تيزي سان وگهري رهيا آهن ۽ پاڻي سمنڊ ۾ وڃي رهيو آهي، سمنڊ ۾ اهو پاڻي وڃڻ سبب ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ سمنڊ جي اوسط سطح 52 کان 98 سينٽي ميٽر تائين وڌي ويندي. يونيورسٽي آف ليڊز جي سائنسدانن پروفيسر اينڊريوشيپرڊ موجب گرين لينڊ تيزي سان تباهي ڏانهن وڃي رهيوآهي،عالمي سمنڊ جوگرمي پد به وڌي پيو. ماهرن موجب برف ۾ سڀني کان وڌيڪ گهٽتائي 1992ع کان 2018ع جي وچ ۾ رهي جڏهن ته 2014 جي رپورٽ ۾ پڻ چيو ويو هو ته برف جا عالمي ذخيرا تيزي سان وگهرندا ۽ 2100 تائين ان برف جي وگهرڻ جو پاڻي سمنڊ ۾ ويندو.